118

بلوچستان ۾عبدالقدوس بزنجو حڪومت بچي وئي، بي اعتمادي رٿ ٻن ووٽن تان ناڪام

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾عبدالقدوس بزنجو حڪومت بچي وئي، بي اعتمادي رٿ ٻن ووٽن تان ناڪام، ڊپٽي اسپيڪر سردار بابر خان موسيٰ خيل جي صدارت هيٺ بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس 5 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، ڄام ڪمال گروپ جي مير ظهور احمد بليدي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي، رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، رٿ جي ڪاميابي لاءِ 13 ميمبرن جي حمايت گهربل هئي، جڏهن ته صرف 11 ايم پي ايز وزيراعليٰ خلاف بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جنهن تي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو ته بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب يا ناڪام بڻائڻ مقصد نه هو، پهريان ئي خبر هئي ته اسان جا نمبر پورا ناهن، سندس چوڻ هو ته اسان جو مقصد گهڻين شين کي سامهون آڻڻ هيو، موجوده حڪومت سامهون بيهڻ آسان ڳالهه  ناهي، سندس چوڻ هو ته وفاق اسان سان جيڪي واعدا ڪيا اهي وفا نه ڪيا ويا، ساٿين سان مشاورت سبب لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، اڳوڻي صوبائي وزير ظهور بليدي الزام لڳايو ته موجوده حڪومت وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪري رهي آهي، نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، ٽرانسفر پوسٽنگ ڪري رقم وصول ڪئي پئي وڃي، ان کان اڳ  پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار يار محمد رند ۽ صوبائي وزير اسد بلوچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو