سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ
سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب سون جي في تولو قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ٿي وئي آهي. ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو 2 لک 20 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي. هوڏانهن سون جي 10 گرام جو اگهه 857 رپيا وڌي 1 لک 89 هزار 129 رپيا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالرن جي واڌ سان 2065 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي. |