119

اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف ٽيم جو پاڪستان جو دورو ڪامياب ويندو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف ٽيم جو پاڪستان دورو ڪامياب ويندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جو خطرو هو، اسان بچايو، اسان 34 نقاني ايڪشن پلان تي عمل درآمد ڪيو، اسانجي حڪومت جي رپورٽ تي پلان مڪمل ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته ايف اي ٽي ايف گري لسٽ مان نڪرڻ تي قوم کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي سمورن شرطن تي عمل ٿي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو