چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪ ايران ڇڪتاڻ بابت چيو آهي ته پاڪستان دفاع جو درست حق استعمال ڪيو،
اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪ ايران ڇڪتاڻ بابت چيو آهي ته پاڪستان دفاع جو درست حق استعمال ڪيو، اميد آهي ته پاڪستان ۽ ايران سفارتي لاڳاپن ذريعي مسئلو حل ڪندا، خانگي ٽي وي چينل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جو درست حق استعمال ڪيو آهي، ڊيوس ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ايراني پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات ۾ اعتراض نه ڪيو ويو، هن چيو ته ايران سان گذريل 18 مهينن ۾ قائم ڪيل لاڳاپا بي مثال هئا، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ آهن، بهتر هجي ها ته اهڙو واقعو نه ٿئي ها، هن وڌيڪ چيو ته انتهائي افسوسناڪ آهي، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي سمجهوتو ناهي ڪندو، اڳوڻي پرڏيهي وزير ايران جي حملي تي تبصرو ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته ايران عوام جي دٻاءُ ۾ اچي ڪيو، ڇو ته ڀارت به پنهنجي چونڊن جي وقت اهڙي طرح پاڪستان تي دٻاءُ وجهندو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسلم ليگ (ن) کي ڪراچي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، مسلم ليگ (ن) تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان لاڏلا ازم جي سياست ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، ميان صاحب تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو چوٿون ڀيرو لاڏلو بڻجڻ آيو آهي ۽ کين ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ واري آهي، هن چيو ته هڪ ڏينهن ميان صاحب چوي ٿو مون سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي ڏينهن وري ساڳيو ميان صاحب چوي ٿو حساب وٺندس، نواز شريف هرگز معاف ڪرڻ وارو ناهي پر انتقام وٺندڙ شخص آهي، ميان صاحب جي تاريخ رهي آهي ته هو وقت اچڻ تي حساب ۽ انتقام وٺندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو عوام مسلم ليگ (ن) کي چڱيءَ طرح سڃاڻي چڪو آهي، مان پاڻ شهباز شريف کي شهباز اسپيڊ جي نالي سان سڏيو آهي، پر افسوس آهي ته اسان جي ڪوششن باوجود مسلم ليگ ن ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي، هنن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي سان مسلم ليگ (ن) جي همدردي رڳو زباني آهي، ڪراچي سان ڪا به دلچسپي نه آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي منظم سازش تحت پنجاب کان ڌار ڪيو ويو، بينظير ڀٽو کي پنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو، پنجاب ۾ ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ به ٿي، لاهور ۾ اسان جي پنجاب جي گورنر کي به قتل ڪيو ويو، هن چيو ته هاڻي پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجي جاءِ واپس وٺي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته 9 مئي جو واقعو جمهوريت تي خودڪش حملو هو، پي ٽي آءِ قيادت ان واقعي سان پارٽي کي بند گهٽي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. |