11

اليڪشن ۾ عوام جو مينڊيٽ چورايو ويو آھي: غلام مرتضيٰ جتوئي

اليڪشن ۾ عوام جو مينڊيٽ چورايو ويو آھي: غلام مرتضيٰ جتوئي

ادان کي اهڙي اليڪشن ڪرائڻي هئي ته پوءِ عوام جي جذبن سان ڇو کيڏيو ويو

نتيجا ھرگز قبول نه ڪنداسين، جي ڊي اي گڏجاڻي بعد احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو

درٻيلو (ن سوڀ) اين پي پي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي چيو آهي ته اسان چونڊن جي نتيجن کي رد ڪيون ٿا، عوام جي جذبن سان کيڏڻ جا سخت نتيجا نڪري سگھن ٿا، اھڙا نتيجا ھرگز قبول نه ڪنداسين آر اوز ۽ ڊي آر اوز بلٽ باڪس پاڻ ڀري رھيا ھئا، هو درٻيلو ۾ مسرور خان جتوئي، اصغر شاهه، زوهيب شاھ ۽ شڪيل جلباڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. مرتضيٰ خان جتوئي چيو ته اليڪشن ۾ عوام جو مينڊيٽ چورايو ويو آھي، جيڪڏھن ادارن کي اھڙي ئي اليڪشن ڪرائڻي ھئي ته پوءِ عوام جي جذبن سان ڇو کيڏيو ويو. هن چيو ته اسانجي ساهتي ضلعي نوشھروفيروز ۾ ڊي آر او ۽ آر اوز کان من پسند نتيجا لکرايا ويا آھن، اھڙن نتيجن کي ھرگز قبول نه ڪنداسين، سڀاڻي ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي گڏجاڻي ۾ اھم  فيصلا ڪري سخت احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو