نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر اکنڊ جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن سبب فوتگين جو انگ 64 ٿي ويو، 60 ڄڻن کي انده بچايو ويو ۽ 11 ماڻهو گم ٿي ويا. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق اتر اکنڊ جي باگيشو ضلعي جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتن جي تباهي کانپوءِ رياستي ڊيزاسٽر رسپانس فورس سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن دوران هن وقت تائين مجموعي طور تي 60 ڄڻن کي زنده بچائي ورتو آهي جڏهن ته 5 لاش پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ايس ڊي آر ايف جي اختيارين چيو ته سندرڌنگا گليشير ريجن ۾ 4، ڪافني گليشير ريجن ۾ 23 ڄڻن ۽ پنڊاري گليشير ۾ 33 ڄڻن کي انده بچايو ويو آهي جڏهن ته هڪ اڃان تائين گم آهي. شديد برساتن سبب ٻوڏ جي نتيجي ۾ لينڊ سلائيڊنگ، وڻ ڪرڻ سبب شاهراهه بند، عمارتن ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهتو جنهن سبب شهرين جي اچ وڃ جو سلسلو بند ٿي ويوسرڪاري انگن اکرن مطابق برسات سبب متاثر اتر اکنڊ ۾ فوتگين جو انگ 64 ٿي ويو آهي ۽ 11 ڄڻا اڃان گم آهن.
