513

ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جاري، بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف ۽ فريال ٽالپر جا فارم بحال

ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جاري، بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف ۽ فريال ٽالپر جا فارم بحال

اسلام آباد/ ڪراچي (نمائندا) ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ٻي ڏينهن به جاري رهي. ڇنڊ ڇاڻ دوران پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري جا اين اي 207 نوابشاهه تان، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا لاڙڪاڻي جي اين اي 194 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ آر او آفيس ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ پنهنجي وڪيلن جي ٽيم سان گڏ پهتو جتي سندس ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ سندس فارم منظور ڪيا ويا. ٻئي طرف رتوديرو جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تي نامزدگي فارم جعم ڪرائيندڙ پ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ رتوديرو جي رٽرننگ آفيسر وٽ پهچي پنهنجي نامزدگي فارم جي جاچ پڙتال ڪرائي، جاچ پڙتال بعد سندس فارم بحال ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، سهيل انور سيال، سردار علي نواز گهانگهرو، سردار آغا علي نواز جلباڻي، اعجاز احمد لغاري، غلام مصطفيٰ لغاري، ڊاڪٽر شفقت سومرو، نصيبان چنو، سيمي فرحت سومرو ۽ ٻيا ساڻنس گڏ هئا. جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام جي اميدوار مولانا ڪفايت الله سومرو پڻ آر او آفيس پهچي پنهنجي نامزدگي فارم جي جاچ پڙتال ڪرائي جنهن جو به نامزدگي فارم بحال ڪيو ويو آهي.   لاهور  ۾ مسلم ليگ ن جو سربراهه نواز شريف پڻ آر او جي آفيس ۾ پهتو جتي سندس ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي ۽ اين اي 130 تان سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا. لاهور جي اين اي 128 ۽ اين اي 123 تي جماعت اسلامي جي اميدوار لياقت بلوچ جا نامزدگي ڪاغذ پڻ منظور ڪيا ويا. لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 121 تان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽيي راشد شفيق، پيپلز پارٽي جي نثار کهڙي، سعيد غني، جميل سومري جا ڪاغذ پڻ منظور ٿي ويا. ڪراچي ۾ اين اي 233 تان ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف ۽ اين اي 246 تان ايم ڪيوايم جي اڳواڻ امين الحق جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ٿي ويا،  ايم ڪيو ايم جي ئي احسن غوري جا پي ايس 90 تان، فرحان انصاري جا پي ايس 99 تان نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ٿي ويا. قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي عورتن جي مخصوص سيٽن تي مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل جاري رهيو.  قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب، شائسته پرويز، عظميٰ بخاري، حنا پرويز بٽ ۽ ذڪيه شاهنواز جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ تي پيپلز پارٽي جي حنا رباني کر ۽ ناز بلوچ جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا. ايم ڪيو ايم جي سبين غوري جا به مخصوص سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏنا ويا. روبينه قائمخاني، تنزيله قمبراڻي، ٽي ايل پي جي ثروت فاطمه، ايم ڪيو ايم جي افشان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب جماعت اسلامي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) جي اميدوارن جي مخصوص سيٽن تي اسڪروٽني سڀاڻي( اڄ )ٿيندي. جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي اميدوارن جي اسڪروٽني 28 ڊسمبر تي رکيل آهي.  ٻي پاسي  اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ لاءِ چئني چيف سيڪريٽرين کي حڪم موڪلي ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن طرفان قرار ڏنل انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون وڃن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز جي سڀني بوٿن تي ڪئميرائون لڳايون وڃن، سي سي ٽي وي ڪئميرائن سان چونڊ عمل، ڳڻپ ۽ نتيجن جي تياري جي مانيٽرنگ ٿيندي.
 
 

=

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو