41

اياز صادق قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا

اسلام آباد( م ڊ) نواز ليگ جو اياز صادق 199 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو نئون اسپيڪر چونڊجي ويو، سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر کي 91 ووٽ  مليا،ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ غلام مصطفيٰ شاهه 197 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل جي جنيد اڪبر کي 92 ووٽ مليا، اسپيڪر جي چونڊ دوران بي اين پي ، جي يو آءِ ف، محمود خان  اچڪزئي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو،  اسپيڪر راجا پرويز اشرف نئين چونڊيل اسپيڪر اياز صادق کي 22هين اسپيڪر طور عهدي جو حلف کڻايو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف، شهباز شريف ۽ عمر ايوب سميت 291 ميمبرز پاران ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، هڪ ووٽ رد ٿي ويو، اياز صادق عهدي جو حلف کڻڻ بعد ووٽ ڏيڻ تي نوازليگ ۽ اتحادي جماعتن جا ٿورا مڃيا، اياز صادق خطاب ڪندي چيو ته الله جو شڪر آهي جو وري قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهيان، آصف زرداري جي مهرباني جو هن مون تي اعتماد ڪيو، عامر ڊوگر کي ڀاءُ سمجهو آهي، مان ڀاءُ بڻجي ڪم ڪندس. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن پاران احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي وئي ۽ چور چور جا نعرا هنيا ويا، جڏهن گيلري ۾ موجود مهمان سني اتحاد ڪائونسل جي  ميمبرن سان هٿئين پئجي ويا،جهيڙي بعد اسپيڪر گيلري ۾ موجود سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو