13

صدارتي چونڊون: ايم ڪيو ايم آصف زرداري جي حمايت تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اربع: 06 مارچ 2024ع) مسلم ليگ(ن) جي ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي

اربع تي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ پ پ جي اهم ترين اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ايم ڪيو ايم سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ٿيندڙ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ خالد مقبول صديقي آصف زرداري سان ٽيليفون رابطي بابت آگاهي ڏني جنهن کان پوءِ صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو. ايم ڪيو آصف زرداري کي صدارتي چونڊن جي لاءِ ووٽ ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آهي

رابطه ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ويو آهي ته پ پ ايم ڪيو ايم کي آئيني ترميم تي مڪمل تعاون جو مثبت يقين ڏياريو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو