250

جاکوڙي انسان ۽ سماج دوست شخصيت فقير محمد آچر خاصخيلي

امتياز علي حيدري 

ڏاهن جو قول آهي ته چڱو انسان ڪڏهن به ڪون ٿو مري هو پنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي يا ڀلائي ڪري ٿو انهي  ڪري سندس نالو قيامت تائين زندهه رهندو آهي، دنيا ۾ اهڙن نيڪ انسانن جي ڪا به کوٽ نه رهي آهي، ۽ هر دور ۾ اهڙا انسان پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي زندگي انسانيت ۽ قوم جي خدمت ۾ گذاري آهي ۽ اهڙن ڪردارن ۾ فقير محمد آچر خاصخيلي به اچي ٿو وڃي، هن 28 آڪٽوبر 1949ع تي اڏيري لال ڀرسان اوٺو غلام شاهه مري ۾ زميندار فقير محمد سومار خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس نالو سائين بخش عرف فقير محمد آچر رکيو ويو، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پرائمري ۽ ديني تعليم ورتي، جنهن کانپوءِ ٽنڊي آدم جي شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ ان بعد پاڻ پنهنجي شوق سان درزي جو ڪم سکيو ۽ مشهور درزي ٿيو، ان دوران سندس والد فقير محمد سومار اباڻو ڳوٺ ڇڏي ٽنڊي آدم جي مالهي پاڙي ۾ جاءِ خريد ڪري رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي فقير محمد آچر جي سندس مامي جي ڌيءُ سان شادي ڪرائي، جڏهن 26 جون 1986ع تي محمد سومار خاصخيلي جي وفات ٿي ته سڄو بار فقير محمد آچر مٿان اچي ويو ۽ برادري جي وڏڙن کيس گڏجي چڱ مڙس جي پڳ ٻڌرائي، ان بعد سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي 50 ٽانگن تي سوين برادري سميت حاضري ڀري سڄي عالم لاءِ دعا گهري، فقير محمد آچر خاصخيلي برادري سميت سمورن مسڪين ماڻهن جو محبوب شخص هو، جيڪو ڏينهن رات لاچار بيوس ماڻهن جي خدمت لاءِ جاکوڙيندو رهيو فقير تاريخ جو اهم باب هو جنهن کي ڪوبه ماڻهون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي هن پنهنجي حياتي ۾ 500 کان وڌيڪ غريب نياڻن کي ڏاج ڏئي شاديون ڪرايون هن پنهنجي حياتي ۾ استاد، شاگرد، عالم، درويشن، هارين ۽ مزدورن سان تعلق رکيو، لڳاتار اڻٿڪ محنت ڪيائين نتيجي ۾ خانداني حيثيت کي مڃرايائين نه رڳو اها حيثيت پاڻ تائين محدود رکيائين مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن ۾ به اهڙو جذبو جاڳايائين چڱو مڙس هجڻ ڪري تعليمي شعور پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين ڏهيسر مڙس هو سڀ ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو ڪچهري جو ڪوڏيو هو سنڌ ۾ بدامني واري دور ۾ به سياري اونهاري رات ڏينهن سندس اوطاق وسندي رهي ماڻهو ماڻهپي جي ڄاڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو ڏانءُ هيس الله جي در کانسواءِ ٻئي در تي نه جهڪيو نه ئي جهول ڦهلايائين، خود اعتمادي جي ڪري زندگي جي آخري ساهه تائين اٽل ارادي ۽ حوصلي سان رهيو هن پنهنجي حياتي ۾ زندگي سان لاڳاپيل هر پاسي پاڻ کي آزمايو ۽ هميشه سر خرو رهيو، فقير محمد آچر خاصخيلي ڳوٺ ۽ شهر جي پاڙي جي سڀني ٻارڙن کي ويهاري سمجهائيندو هو ته پنهنجي ديني دنياوي پڙهائي تي ڌيان ڏئي هڪ بهترين مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ڪجو ڇا ڪاڻ ته تعليم  ئي انسان کي اصل منزل تي پهچائي ٿي، غريب مسڪين پورهيت مزدور جي مدد ڪجو، ڇاڪاڻ ته انهن جي دلين ۾ خدا رهي ٿو، مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي پنهنجي ڪجھه سمجهاڙين ۽ نصيحتن ۾ ٻڌائيندو هو ته ماٺ کي چڱو سمجهو ويندو آهي، ماٺ وارو گهڻو ڪري صحيح سياڻو هوندو آهي، جڏهن ڳالهائجي ته ڳالهائڻ کان اڳ ان جو نتيجو سوچجي سوچي سمجهي ڳالهائجي ٻئي جي ملڪيت کائڻ جو نتيجو پنهنجي ضمير کي مردو بڻائڻ آهي، اهڙي ماڻهو کان غيرت موڪلائجي وڃي ٿي، ڪنهن جي تڪليف ۾ مدد ڪرڻ سخاوت ۾ شامل آهي، اهڙي ريت مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي جون نصيحتون عام ماڻهن کي هونديون هيون، هو سدائين سچائي جي رستي تي هلڻ جو درس ڏيندو رهيو سنڌ جو اهو نيڪ انسان 11 نومبر 2013ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو هو اڄ به سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي، هاڻ سندس لاڏلي پڳدار پٽ ممتاز علي حيدري پيءُ جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀائرن جي مدد سان ڪوشش ڪري پيو، مرحوم جون خدمتون هميشه ياد رکيون  وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو