204

(ن) ليگ جو اڳوڻو ايم اين اي عبدالغفار ڊوگر گرفتار

ملتان(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي ايم اين اي عبدالغفار ڊوگر کي ملتان جي چوڪ ڪمهاران تي واقع رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو، عبدالغفار ڊوگر جي خلاف ڪيس ۾ جعلي دستاويز ٺاهڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر راڻاثناءُالله عبدالغفار ڊوگر جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالغفار جلد آزاد نه ٿيو ته صورتحال جي ذميوار پنجاب حڪومت هوندي، کيس فجر جي وقت گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو