125

اسرائيل جي ڏاڍ کي ڪير روڪيندو..؟؟

ليکڪ: رياض ابڙو 

دنيا جون طاقتون، ٿنڪ ٽينڪ ۽ ويٽو ملڪ جيئن چاهين، جيترو چاهين ۽ جيستائين چاهين ڪري سگهن ٿا، اتي مسلم ۽ غير مسلم ملڪن جي خيالي يا واضح ليڪ نڪتل آهي، ان کي مڃڻ کان انڪار ناهي، آمريڪا، برطانيا، روس، چين، آسٽريليا، جرمني، اسپين، اٽلي، فرانس ۽ ٻيون طاقتون جيڪي پاڻ ۾ ٻڌل آهن، اهي هڪ ئي سوچ رکن ٿا، انهن ملڪن کي هڪٻئي مان ايترو خطرو ناهي، جيترو انهن کي پاڪستان ۽ ايران جي ائٽمي طاقت هجڻ مان خطرو آهي، هتي هڪڙو مثال ڏيندا هلون جڏهن آمريڪا جي صدر هيري ايس ٽرومين کي پنهنجي پارليامينٽ، وزيرن ۽ اتحادي ملڪن روڪيو هو ته جاپان مٿان بم نه ڪيرايو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان دنيا جو امن خطري ۾ پئجي ويندو ۽ موٽ ۾ آمريڪا کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا ته صدر ٽرومين ڪنهن جي هڪ به نه ٻڌي هئي ۽ هن جاپان جي شهرن هيرو شيما ۽ ناگاساڪي مٿان 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ 1945ع ۾ ”اينولاگي“ هٿان پنج ٽن ڳورا بم ڪيرائي تباهي مچائي ڇڏي هئي، بدلي ۾ ڪجهه به نه ٿيو، ڇو ته آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته بم ڪيرائڻ سان جنگبندي ٿي ويندي ۽ ٿي به وئي، ان مان ظاهر اها ئي ڳالهه ٿي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو ۽ هاڻي به ساڳي ڳالهه آهي، يعني جيئن اهي طاقتور ملڪ چاهين تيئن ڪري سگهن ٿا، پاڻ ڀلي ايٿنڪ گروپن ۾ ورهايل هجن يا انهن جو رڳو مذهبي لاڳاپو هجي، يا ائين به کڻي چئون يورپين يونين جا 27 ملڪ انگريز ناهن پر عيسائي ضرور آهن، جيڪي مذهبي بنيادن تي هڪ مٺ لڳا پيا آهن، ڪڏهن اهي فرانس جو آواز بڻجي پاڪستان کي ڌار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا، ڪڏهن ڊينمارڪ جي پٺيان بيهي اظهار جي آزاديءَ جو فائدو وٺي مسلمانن کي تنگ ڪن ٿا، ڪڏهن فرانس ۽ آمريڪا بڻجي غزا ۽ يروشلم جي پٽي تي خونريزي ڪرائين ٿا، ڪڏهن ويسٽ بئنڪ تي حملا ڪرائين ٿا، ڇو ته انگريز زبردست ريسسٽ آهي. اتي هڪ ٻي ڳالهه به مڃڻ جوڳي آهي يورپين پارليامينٽ جي 400 هاڻوڪن ۽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ سينيٽرن يورپين يونين جي فارين پاليسي جي چيف جوزف بوريل ۽ يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي خط لکيو آهي ته ٽرمپ وچ اوڀر جي ملڪن جي امن کي خطرو پهچائي ويو آهي، ان هڪ طرفو رڳو اسرائيل جي ٻڌي ۽ اسرائيل کي حشي ڏني، ايستائين جو يروشلم جي اوڀر واري حصي جيڪو اسرائيلن 1967ع ۾ 6 ڏينهن جي جنگ ڪري قبضي ۾ ورتو هو ۽ 3 لک کان مٿي فلسطيني تڙي ڪڍيا هئا ۽ يهودين اتي اڏاوتي ڪم به شروع ڪيو هو، جنهن ۾ اسرائيلي سرڪار 25000 نوان گهر ٺهرائڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي هئي، ٽرمپ جي اهڙي حرڪت نه رڳو فلسطينين پر اسلامي دنيا کي به چيڙائي وڌو هو، ايستائين جو اسرائيل جي فرمائش تي ٽرمپ پنهنجي ايمبيسي ٽيل اويو کڻي اوڀر يروشلم ۾ شفٽ ڪئي هئي، مڃون ٿا ته فلسطين عربن جو علائقائي مسئلو آهي، جنهن ۾ مذهب جو ڪو عمل دخل نه آهي، پر هاڻوڪي خونريزي، معصوم ٻارڙن جو شهيد ٿيڻ ۽ مسجد اقصيٰ تي حملو ڪرڻ انسانيت سوز واقعا آهن، جنهن تي سڄي دنيا جي انسانن کي اک پٽڻ گهرجي، ڇو ته انسان رڳو انگريز نه آهن، ٽرمپ پاران نيتن ياهو کي اهڙي ڇوٽ جو مقصد اهو هو ته اسرائيل پنهنجي مرضي سان جيئن به وڻي فلسطينين تي ظلم ڪري هو ڏينهن ڏٺي جو توڙي رات جي اونداهي ۾ بم وسائي پر کيس ڪو به روڪڻ وارو نه هجي، ٽرمپ اهو ظلم روڪڻ بدران جهيڙو وڌائي ويو آهي، حقيقت اها به آهي ته غير مسلم ملڪن جي غلبي سبب مسلمان سڄي دنيا ۾ ڏچي ۾ آهن ۽ انهن جي بيحس اڳواڻن جو به ان ۾ ايترو ئي هٿ آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪشمير هجي يا فلسطين، ساڳي طرح جيئن ڀارت آرٽيڪل 370 تحت ڪشمير ۾ ڀارتي آزادي وڌائي سگهڻ جو قانون منظور ڪيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هاڻي ڪشمير ۾ ڀارتي هندو پنهنجي ملڪيت وٺي سگهن ٿا، ووٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا، ايوانن تائين پهچي سگهن ٿا، ٽرمپ به اسرائيلين کي حشي ڏئي ويو، ته جيئن وڻي تيئن ڪيو، اوڀر يروشلم تي قبضو ڪري ويهي رهو، توهان کي ڪير ڪجهه به نه چوندو. ٻڌڻ ۾ اهو به آيو آهي ته ٽرمپ ان پاليسي تحت ابراهم اڪارڊ جو ڊرامو کيڏيو ۽ عرب ملڪن کي اسرائيل سان لاڳاپن لاءِ اهو چئي تيار ڪيو ته جيڪڏهن نيتن ياهو سان سهڪار ڪندا ته بدلي ۾ اسرائيل فلسطينين تي ظلم نه ڪندو، ان روايتي چالاڪيءَ تحت ڪجهه عرب ملڪن ۽ اسرائيل وچ ۾ ٺاهه ٿيا، پر افسوس ۽ حيرت اها آهي ته انهن عرب ملڪن ٺاهه لاءِ اسرائيل مٿان ڪو به شرط نه رکيو،  گهٽ ۾ گهٽ اهو شرط ته رکڻ گهرجي ها ته اسرائيل اوڀر واري پٽي مان نڪري رهائشي منصوبا ختم ڪري پر عرب ته ان ۾ خوش هئا ته اهي اسرائيل جي هنج ۾ ويهي وڃايل سڪون حاصل ڪري وٺندا. 1967ع واري جنگ کانپوءِ ٽرمپ جي ٽياڪڙي تي ترڪي اسرائيل سان ٺاهه ڪري ڇڏيو هو، مصر 1979ع کان پنهنجا لاڳاپا بحال رکيا آهن ۽ 1990ع کان اسرائيل کان گئس به وٺندو پيو اچي، اردن 1994ع کان اسرائيل سان دوستي جي ٻنڌڻن ۾ آهي، بحرين ۽ عرب امارات پڻ لاڳاپا بحال ڪيا، حقيقت اها به آهي ته اسرائيل کي سمورن عرب ملڪن مان امپورٽس سستيون پهچن ٿيون، جيڪي 1967ع جي ويڙهه کانپوءِ هنن ختم ڪري ڇڏيون هيون، 1948ع واري عرب-اسرائيل جنگ پنهنجي جاءِ تي، پر هاڻي آمريڪا جي دٻاءَ بعد عرب ملڪ ڊوڙندا اسرائيل جي پيرن ۾ پيا، عرب امارات ته تيل جي سپلاءِ به بحال ڪري ڇڏي، هاڻ بائيڊن جو اهو واعدو عمل چاهي ٿو جنهن ۾ هن اسرائيلين جي پٺڀرائي نه ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو، فلسطين جي پائيدار امن جي بحالي لاءِ آمريڪا جو راضي ٿيڻ ۽ اسرائيل مٿان دٻاءَ رکڻ ضروري آهي، جيڪڏهن عربن جا افعال به نه سڌريا ته فلسطيني ڪچلي ماريا ويندا.اسرائيل 1967ع ۾ 6 ڏينهن جي جنگ ڪري ايسٽ بئنڪ تي قبضو ڪيو ۽ اتان فلسطينين کي ڀڄائي اوڀر جي علائقي تي به ڪنٽرول ڪري ويٺو جيڪو سراسر غلط هو، حقيقت اها آهي ته هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسرائيل کي 1967ع جي جنگ کان اڳ وارين حدن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جي نه ته هو آهستي آهستي سڄي فلسطين تي قبضو ڪندو، ڇو ته اسرائيلي فيملي پلاننگ تي عمل ناهن ڪندا، سوشيو اڪنامڪ اسٽيٽس وڌائڻ ۽ ڊيموگرافڪس تبديلي لاءِ انهن جي پاليسي آهي ته جيترا به ٻار ٿين ڀلي ٿين،  جنهن ڪري انهن جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ڀلي هو مذهبي حوالي سان تبليغ نه ڪن، پر هو پنهنجي اصل مقصد تي ڪم ڪري رهيا آهن، ضروري آهي ته وچ اوڀر جي ملڪن ۽ مسلم دنيا ۾ پائيدار امن لاءِ فلسطينين جي حقن کي بحال ڪرائي اسرائيلي ڏاڍ کي ٻنجو ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو