224

انڊس ڊيلٽا جي تباهي، ان جا ڪارڻ ۽ حل…

ليکڪ: فهد علي جانوري

ايترا ڀيرا پاڻي جي معاهدن اندر اها ڳالهھ رکي وئي آهي ته انڊس ڊيلٽا تباهه پيو ٿئي ۽ ان جي تباهي ماحوليات جي تباهي ۽ اتي رهندڙ لکين ماڻهن جي تباهي آهي، انهن معاهدن ۾ ڊيلٽا کي گهربل گهٽ ۾ گهٽ پاڻي ڏيڻ تي اتفاق به ٿيا پر وري به اهو پاڻي نه ڏنو ويو ۽ سبب اهو ئي ڄاڻايو ويوته ڪوٽڙي بئراج کان  هيٺ ويندڙ پاڻي ضايع ٿو ٿئي ڇو جو اهو سمنڊ ۾ ڪري پيو، ڪالھه جيڪو ماڻهو انڊس ڊيلٽا جي پاڻي جي ڪري شاهوڪارن واري زندگي پيو گذاري اڄ هو ڪنهن مل ۾ مزدوري پيو ڪري يا ڪنهن آفيس جي ٻاهران چوڪيداري پيو ڪري، ستر سالن اندر سنڌ کي اهو تحفو مليو آهي ته هتان جا شاهوڪار به پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ۽ ڌاريا سرمائيدار ويتر امير ٿيندا پيا وڃن . پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضايع نه ٿيندو آهي پر پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ سان ڇا ڇا ضايع ٿيندو آهي؟ اهو احساس هن مهل تائين نه ڪرڻ سبب انڊس ڊيلٽا جو پورو ايڪو سسٽم تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچي ويو آهي، پلي ۽ مڇيءَ جو نسل ختم ٿي رهيو آهي، تمر جا ٻيلا گهٽجي رهيا آهن، سمنڊ چڙهي اچي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن ڪري هزارين ڳوٺ نالو نشان وڃائي ويٺا آهن، ايڪو سسٽم جي اها تباهي انڊس ڊيلٽا سان گڏ رهندڙ انساني آباديءَ لاءِ ڪيتري خطرناڪ آهي، ڪاش ان جو ادراڪ انهن ماڻهن کي ٿي سگهي ها، جيڪي تهذيبن جي سفر کان نا آشنا آهن. جڏهن مٺي پاڻيءَ جي جاءِ کارو پاڻي والاريندو آهي ته اهو آبادين کي کاٽ هڻندو آهي، سرسبز ٻنيون ويران پوٺن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن، انسانن جو اکيون ڏرا ڏئي وينديون آهن، انڊس ڊيلٽا جي موت جو پروانو ته سنڌوءَ تي ڊيم ۽ بئراج اڏي ڪافي اڳ جاري ڪيو ويو هو. جن وسيلي درياءَ جو پاڻي انهن زمينن ڏانهن موڙيو ويو، جيڪي اڳ برساتي پاڻيءَ تي آباد ٿينديون هيون، اهي ڊيم اڏيا ته زرعي مقصدن لاءِ ويا هئا پر پوءِ اڳتي هلي انهن مان بجلي ٺاهڻ جو ڪم ورتو ويو. ڪيٽي بندر جيڪو ڪنهن دور ۾ مصروف بندرگاهه ۽ مک واپاري مرڪز هو، سو هاڻي ويران آهي، علي بندر ۽ شاهه بندر جي ڪهاڻي به ان کان مختلف ڪونهي، انهن ڊيمن ۽ بئراجن کان اڳ سمنڊ ۾ سنڌ جي 18 ڇاڙهن وسيلي لکين ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ايندو هو پر هاڻي اهي ڇاڙهون صرف لاڙ پٽ جي لوڪ تاريخ جو حصو رهجي ويون آهن، 1958ع ۾ ڪوٽڙي بئراج جي تعمير انڊس ڊيلٽا جي قسمت تي آخري مهر هڻي ڇڏي هئي، تازي پاڻي جو وهڪرو محدود ٿي ويو، رڳو ٻوڏ واري سيزن ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو هو، اهو ئي اڄ به ٿي رهيو آهي، اهڙين حالتن انسانن ۽ چوپائي مال لاءِ زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري هنن بئراجي علائقن جو رخ ڪرڻ شروع ڪيو، سنڌ جي قديم قبيلي مهاڻي لاءِ مڇيءَ جو ڌنڌو اوپرو ٿيندو ويو، اپر ڊيلٽا هجي يا لوئر ڊيلٽا، ٻنهي سان هڪجهڙي حالت ٿيندي وئي،  انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ھئڻ ڪري پلي ۽ مڇيءَ جي پيداوار وڏي پيماني تي گھٽجي وئي آھي. ماضي ۾ سنڌو جي ڊيلٽا واري علائقي ۾ ساليانو 18 ھزار ميٽرڪ ٽن پلي جي پيداوار ٿيندي ھئي پر ھاڻي اھا گھٽجي 100 ميٽرڪ ٽن ساليانو تي پھتي آھي، ماضي ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ پلو مڇي يورپي ۽ نار وارن ملڪن ۾ موڪليو ويندو ھو ۽ وڏو ناڻو ڪمائڻ جو ذريعو ھوندو ھو پر ھن وقت پلي جي نسل ۾ وڏي لاٿ ٿيڻ ۽ پيداوار گهٽجڻ جو سبب اهو به آهي ته سامونڊي ڪنارن تي تمر جي وڻن ۾ پڻ گھٽتائي آئي آھي، ان کان سواءِ سمنڊ اندر ڪورل ريفس پڻ تباھه ٿي رھيون آھن، سامونڊي جاندارن جي خارج ڪيل ڪيميائي مادن ۽ سامونڊي پٿرن جي ميلاپ سان ڪورل ريفس ٺھنديون آھن، جن علائقن ۾ ڪورل ريفس ھونديون آھن، ان جاءِ کي جھينگن، کيکڙن ۽ ٻين جاندارن جي جنت تصور ڪيو ويندو آھي. ڪورل ريفس جيڪڏھن ڊيلٽا جي ويجھو ھوندي ته پلي جي نسل جي واڌ ويجهه بھتر ٿيندي آھي، ھن وقت سمنڊ جي آبي گدلاڻ سبب ڪورل ريفس تباھه ٿي رھيون آھن ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه ھئڻ ڪري پلي جي نسل کي وڏو نقصان پهتو آهي، جڏهن کان ڪوٽڙي تي هٿرادو بئراج ذريعي سندس وهڪرو بند ڪري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي گھربل مقدار کان گھٽايو ويو آهي ته سوين مياڻيون تباهه ۽ برباد ٿيون آهن، اتي جيڪا انساني لڏپلاڻ ٿي، جھنگلي ۽ آبي جيوت جي حياتين کي خطرا پيدا ٿيا، تن سميت ٻيلو تباهه ٿيو، پلي جو نسل ختم ٿي ويو، هيچريون، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا ۽ سمنڊ مست هاٿي جيان ڌرتي پائي اڳتي وڌڻ لڳو، ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياهه تي بئراج 1956ع ڌاري اڏيو ويو هو ۽ پوءِ 1994ع کان پاڻي جي کوٽ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هر سال گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ کانپوءِ هاڻي ته هر سال ڏهه مهينا ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامندي رهندي آهي. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو