اسلام (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق چيو آهي ته آئون چاپلوس نه حڪومت جو خيرخواه آهيان، ٻڌايو وڃي ته بجيٽ جو خسارو ڪهڙي طرح پورو ٿيندو، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي صورتحال اها ئي رهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، رسول پاڪ ﷺ جي حرمت تي اسان جي جان، مال ۽ اولاد سڀ ڪجهه قربان آهي، جيڪڏهن سفير واپس موڪلڻ سان اسان جو ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو ته اسان کي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته آئون ڪاري کي اڇو نٿو چئي سگهان، منهنجي شهر اٽڪ کي بجيٽ ۾ مڪمل طور تي نظراندز ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ اهو غازين ۽ شهيدن جو ضلعو آهي، هن چيو ته 3420 ارب روپيا بجيٽ خسارو آهي، هن چيو ته پاڪستاني فوج قربانيون ڏئي رهي آهي ان جو خصوصي خيال رکيو وڃي، ميجر طاهر صادق چيو ته ڪجهه گندين مڇين جي ڪري پورو ايوان بدنام ٿي رهيو آهي، انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته ضلعي حڪومتن جي نظام کي بحال ڪيو وڃي، منهنجي تڪ جو پاور پراجيڪٽ التوا جو شڪار آهي ان تي ڌيان ڏنو وڃي، هن چيو ته ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري تي ضابطو نه آندو ويو ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي لاءِ تربيتي ڪلاس شروع ڪيون وڃن ۽ کين اخلاقيات سيکاري وڃي، هن مطالبو ڪيو ته غريب ماڻهن جي لاءِ فوري رليف جو اعلان ڪيو وڃي.
233