100

نيب اجلاس: 179 ميگا ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب 66 ميگا ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچايو آهي، انهن مان 12 ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ مختلف معزز عدالتن ٺوس شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي قانون مطابق مجموعي طور تي جوابدارن کي 4.364 ارب روپين جي سزا ٻڌائي آهي. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت ۾ نيب ۾ اعليٰ سطهي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر، پراسيڪيوٽر جنرل اڪانٽبلٽي سيد اصغر حيدر، ڊي جي آپريشنز نيب ظاهر شاهه جڏهن ته نيب جي سمورن علاقائي بيوروز جي دائريڪٽر جنرلز ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيب جي مهيني وار مجموعي ڪارڪردگي، سڄي ملڪ جي مختلف احتساب عدالتن ۾ نيب جي ٻڌڻي هيٺ ريفرنسز خاص طور تي ميگا ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچائن لاءِ هن وقت تائين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 179 ميگا ڪرپشن ڪيسز مان 66 ميگا ڪرپشن ڪيسز کي معزز احتساب عدالتن قانون مطابق انجام تائين پهچايو آهي جڏهن ته 93 بدعنواني جا ڪيسز معزز عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن جن جي جلدي ٻڌڻي لاءِ معزز احتساب عدالتن ۾ قانون مطابق درخواستوم داخل ڪيون پيون وڃن. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ نيب جي ڪاڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس م ٻڌايو ويو ته 66 ميگا ڪرپشن ڪيسز کي انجام تائين پهچايو ويو آهي انهن مان 12 ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ مختلف معزز احتساب عدالتن ٺوس شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي قانون مطابق مجموعي طور تي جوابدارن کي 4.364 ارب روپين جي سزا ٻڌائي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قانون مطابق 4 ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ جوابدارن پلي بارگين ڪئي جنهن ذريعي مجموعي طور تي 1.256 ارب روپيا نيب جوابدارن کان برآمد ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت 179 ميگا ڪرپشن ڪيسز مان 10 انڪوائريز 11 انويسٽيگيشنز جي مرحلن ۾ جاچ هيٺ آهن جڏهن ته 93 ميگا ڪرپشن ڪيسز جا ريفرنسز مختلف معزز احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو ۽ بدعنوان عنصرن کان قوم جي لٽيل رقمن جي واپسي نيب جي پهرين ترجيع آهي. نيب پنهنجي قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين 814 ارب روپيا بدعنوان عنصرن کان برآمد ڪري سڌي ريت يا اڻ سڌي طور تي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن جڏهن ته نيب جي موجوده قيادت جي دور ۾ گذريل ٽن سالن ۾ بدعنوان عنصرن کان برآمد ڪري 533 ارب روپيا سڌي ريت يا ان سڌي طور قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن جيڪو ٻين بدعنواني جي روڪٿام جي اداران جي ڀيٽ ۾ نيب جي بهترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو