نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ حڪومت مخالف پارٽي ڪانگريس چيو آهي ته حڪومت نئين دهلي ۾ نابالغ ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جي واردات خلاف پنهنجو آواز اٿارڻ تي ڪانگريس جي اڳوڻي صدر راهول گاندهي جو ٽوئٽر بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي،ڪشمير ميڊيا سروس موجب پارٽي جي ترجمان هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته راهول گاندهي ظلم خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندي نئين دهلي ۾ ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي بعد ۾ قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ جو مطالبوڪندي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ جي ڳاله ڪئي ته سندس ٽوئٽر اڪائونٽ کي بلاڪ ڪيو ويو آهي،هن چيو ته ان مسئلي کي پارليامنٽ ۾ نه اٿاريو ويو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت متاثرن کي انصاف ڏيڻ تي يقين نه ٿي رکي.
