ايڊيٽوريل
طالبان افغانستان ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي عالمي برادري سان گڏجي هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، طالبان جي سياسي ترجمان محمد نعيم چيو آهي ته افغانستان ۾ جنگ ختم ٿي وئي، نئين حڪومتي نظام جي صورتحال جلد واضح ٿي ويندي، هن چيو ته طالبان کي 20 سالن جي جدوجهد ۽ قربانين جو ڦل ملي ويو آهي، اهي ڪنهن کي به نقصان پهچائڻ نٿا چاهين، سمورن افغان اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون ۽ هر قدم ذميواريءَ سان اٿارينداسين، عالمي برادري جي خدشن تي به ڳالهين لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته ڪنهن کي به افغان سرزمين ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، چاهيون ٿا ته ڪو ٻيو ملڪ به اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، اميد آهي ته پرڏيهي قوتون افغانستان ۾ پنهنجا ناڪام تجربا نه ورجائينديون، ترجمان چيو ته پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي آزادي جو مقصد حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ سندن تحفظ جي ضمانت ڏيون ٿا، عالمي برادري سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪنهن سفارتي اداري يا هيڊڪوارٽر کي نشانو ناهي بڻايو، سفارتي مشنز کي تحفظ ڏينداسين، سموري ملڪ ۽ قوتن کي چئون ٿا ته اهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ويهن، طالبان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، عورتن ۽ اقليتن جي حقن ۽ آزاديءَ جو شريعت مطابق خيال رکيو ويندو. طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ آمريڪا برطانيا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين يورپي ملڪن به ڪابل ۾ پنهنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سفارتي عملي جي واپسي جو آپريشن هلندڙ آهي، آمريڪين کي ڪڍڻ جي لاءِ وڌيڪ هڪ هزار فوجي ڪابل پهچي ويا آهن، ڪئناڊا چيو آهي ته سفارتخانو عارضي طور بند ڪيو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن افغان فوج جي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان جي اميد کان گهڻي تيزي سان ناڪامي ٿي، افغان فوج کي 20 سالن کان تربيت ڏني، هٿيارن سان ليس ڪيو پر آميرڪا انهن جي طاقت ۽ صلاحيتن جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهي، چين به چيو آهي ته اهو افغانستان سان دوستاڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن لاءِ تيار آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته طالبان بار بار چين سان سٺن لاڳاپن جي اميد ظاهر ڪئي آهي ۽ اهي افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقيءَ ۾ چين جي شرڪت جا منتظر آهن، اسان انهن جي خواهش جو احترام ڪريون ٿا ۽ گڏيل تعاون جاري رکڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول بعد وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حالتن جو جائزو ورتو ويو، جاري ڪيل اعلان ۾ بائيڊن انتظاميا جي نڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪئي وئي، پاڪستان چيو آهي ته تڪرار جو منطقي حل ڳالهيون آهن، پاڪستان سمورن افغان گروهن جي نمائندگي سان هڪ جامع سياسي حل لاءِ پرعزم آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري اصول تي سختيءَ سان عمل ڪندو، پنهنجي پاڙي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پاڪستان سياسي حل ۾ سهولتڪاري لاءِ عالمي برادري ۽ افغان اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪم ڪندو، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪابل ۾ ڦاٿل پاڪستانين، سفارتڪارن ۽ صحافين لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ عالمي ادارن جي جي نمائندن جي واپسي لاءِ به قدم کنيا وڃن، وزيراعظم ڪابل ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي تعريف ڪئي. افغانستان ۾ حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ خطي ۾ پڻ سياسي تبديليون اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته دنيا جا مختلف ملڪ طالبان سان لاڳاپن بابت پنهنجون پاليسيون ترتيب ڏئي رهيا آهن، طالبان جنهن نموني سان قبضو ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ سندن جيڪو ردعمل آيو آهي ان مان لڳي ٿو ته اهي هن ڀيري سياسي حڪمت عملي سان اقتدار ۾ آيا آهن ۽ هاڻ اهي پراڻو دور ورجائڻ نه چاهيندا،هن وقت سڄي دنيا جون نظرون افغانستان تي کتل آهن، اسان افغانستان بابت پاڪستان جي حڪمت عملي ۽ ڪردار جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.