102

افغانستان جو مستقبل ڪيئن هجڻ گهرجي..؟

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي افغانستان جي معاملي تي هر ڪو پنهنجي راءِ ڏئي رهيو آھي، افغانستان جي موجوده صورتحال تي ڪي پريشاني ڪي حيران، ته ڪي وري خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن، دنيا جا طاقتور ملڪ ۽ انهن جون ڳجهيون ايجنسيون افغان معاملي تي بلڪل ئي ناڪام نظر آيون، خود آمريڪي ايجنسي جي اها رپورٽ هئي ته طالبان سال جي اندر ڪابل تي پنهنجو ڪنٽرول ڪندا پر پوءِ اها تاريخ ٽن مهينن تائين پهتي پر طالبان پنجن ڏينهن ۾ اچي ڪابل جي ڌرتي تي پنهنجا پير رکيا، عام ماڻھو وري ان ڳالھه تي حيران ۽ پريشان آھي ته آمريڪا ۽ سندن اتحادين افغان فوج تي اربين روپيا خرچ ڪري طالبان سان وڙھڻ ۽ پنهنجي حڪومت جي دفاع لاءِ سخت تربيت به ڏني پر اها فوج واري جي ديوار به ثابت نه ٿي، جيئن طالبان جي ڪابل تي قبضي جون خبرون هلڻ شروع ٿيون تيئن طالبان مخالف قدامت پسند سوچ جي ماڻھن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، نتيجو اوهان پاڻ ڏٺو ته ماڻھو جان بچائڻ لاءِ جهاز کي به بس سمجهي اهو وساري ويٺا ته هي روڊ تي هلندڙ بس نه پر هوا ۾ اڏامندڙ جهاز آھي، بهرحال زندگي سڀني کي پياري آھي، ماڻھن کي ملا عمر وارو دور ياد هو، سندن دهشت جا قصا ورهين تائين ماڻھن جي ذھنن تي نقش ٿيل هئا، ان ڪري هر ڪنهن ڀڄي جان بچائڻ ۾ ئي پنهنجو ڇوٽڪارو پئي سمجهيو، طالبان کي اهو ياد ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي طاقتور قومن پنهنجي مقصد لاءِ کين استعمال ڪيو، پهريان روس خلاف مجاهد ڪري پيش ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ٻين عالمي دهشتگرد قوتن کين دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا سان ويڙهائي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو، طالبان کي هڪ دفعو ٻيهر هڪ طاقت ٿي اڀرڻ ۾ 20 سال جو تمام وڏو عرصو لڳي ويو، هاڻي کين اهي غلطيون نه دهرائڻ گهرجن، جنهن سان ڪجھه سالن کان پوءِ هڪ ٻيو طاقتور ملڪ اٿي کين تباهه ۽ برباد ڪري کين روپوشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري، منهنجي نظر ۾ هن وقت تائين طالبان جي جيڪا روش رهي آھي سا مثبت نظر پئي اچي ڇو ته طالبان کي شيعا مخالف گروهه طور مڃيو ويندو آھي، ماضي ۾ کوڙ اهڙا مثال به موجود آھن، پر هن محرم شريف ۾ طالبان جي نئين قيادت افغانستان ۾ علم پاڪ جي بي حرمتي تي نه صرف معافي ورتي پر ماتمي جلوسن ۽ مجلسن تي پهرو پڻ ڏنو، جيڪو افغانستان توڙي خطي لاءِ تمام سٺو سنوڻ آھي، ان عمل سان سڀني ملڪن جي عوام لاءِ هڪ مثبت پيغام ويو، هاڻوڪا طالبان عورتن جي باري ۾ به نرم گوشو رکن ٿا عورتن لاءِ اهو چيو ويو ته اهي اسلامي اصولن مطابق زندگي گذارن، کين پورا پورا حق ڏنا ويندا، عام معافي واري اعلان کان پوءِ ويهين ۽ ايڪهين صدي جي طالبان ۾ فرق محسوس ٿيڻ لڳو آھي، افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ سڀ ان پريشاني ۾ آھن ته طالبان سندن لاءِ مٿي جو سور آھن ڇو ته طالبان جو پراڻو رڪارڊ مٿي جي سور وارو ئي رهيو آھي، خاص طور طالبان ماضي ۾ پاڪستان چين ۽ ايران لاءِ ڪي سٺا نه رهيا، انهن پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پنهنجي سوچ کي هٿي وٺرائي ايرانين سان مسلڪي بنيادن تي قتل غارت ڪندا رهيا، چين جي مغربي علائقي سنڪيانگ ۾ انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي، چين لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، طالبان جو ماضي ڪو ازبڪ عوام لاءِ به سٺو نه رهيو آھي مطلب ته سندن سڀ پاڙيسري ڪنهن نه ڪنهن انداز سان طالبان کان تنگ هئا، شايد ان ڪري ئي آمريڪا بهادر جي سٽ نه سهي پاڻ مارائي ويٺا، هاڻي واري طالبان کي ڏسجي ته هيل تائين اسان کي انهن ۾ اها انتهاپسندي  ۽ تنگ نظري نظر نه پئي اچي. اڳ شايد اهي ان ڪري تنگ نظر هئا جو انهن ۾ اڪثريت ٻين ملڪن جي ماڻھن جي هئي، جن ۾ عرب، پاڪستاني، ازبڪ، تاجڪ، چيچن مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي هئي، ان ڪري هر ڪنهن پنهنجي هاڪ چمڪائڻ لاءِ ظلم جا نت نوان طريقا متعارف ڪرايا، هاڻي انهن مان اڪثريت وڃي الله کي پياري ٿي ۽ جيڪڏهن ڪجهھ بچيل آھن ته انهن ۾ هاڻي اها سهپ نه رهي آهي جو آسائشون ڇڏي تڪليفن ۽ خوف ۾ زندگي جا آخري لمحا گذارن، طالبان جي نئين قيادت ۾ ڪجهھ نئين سوچ جا پڙھيل لکيل ماڻھو شامل آھن جن جي خواهش آھي ته جديد دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلون، جنهن جي جهلڪ سندن پيغامن مان به نظر اچي ٿي، اها سٺي ڳالهھ آھي جو سرڪاري ملازمن کي ڊيوٽي ڪرڻ، فوجين کي واپس نوڪري جي آڇ ڪرڻ، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ذمو کڻڻ جهڙا اعلان ڪنهن خوشخبري کان گهٽ ناهن، هن وقت دنيا کي تنگ نظر سري عام ڦاهي تي لٽڪائي بيهاريندڙ، عورتن کي سنگسار ڪندڙ ۽ دهشت جي علامت واري طالبان جو افغانستان نه پر هڪ پرامن تعليم يافتا، پنهنجي رواجن مطابق زندگي گذاريندڙ، پاڙيسرين جي معاملن کان پري رهندڙ، دنيا لاءِ سڪون وارو افغانستان گهرجي جتي هر مذھب ۽ مسلڪ وارو ماڻھو آزادي سان پنهنجي عبادت ڪري سگهي، جتي گوتم ٻڌ جا مجسما نه ڊاٺا وڃن، جتي عوام جي وجود مان خوف جي وهشت ختم ٿي وڃي، جتي پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا وڃن، جتي ٻين جي خاطر پنهنجن سان وڙھندڙ سوچ نه هجي، جتي افغان عوام کي سڪون ميسر هجي، جتي دنيا کي اهو باور ڪرائجي ته اسان اوهان لاءِ خطرو ناهيون، جيڪڏهن هاڻوڪا طالبان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته اها پوري ڏکڻ ايشيا سان گڏ دنيا لاءِ سٺي خبر هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو