ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت ڪورونا سبب تعليمي ادارا اڻڄاڻايل مدي تائين بند ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي فيصلي کان 2 ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت صوبي اندر 30 آگسٽ تائين اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو هو، پر نئين حڪم موجب هاڻي اسڪول اڻڄاڻايل مدي تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه اهڙي اعلان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسڪول اڻڄاڻايل مدي تائين بند رکڻ جو مطلب اهو ناهي ته هاڻي تعليمي درسگاهون هڪ سال کانپوءِ کلنديون، سندس چوڻ آهي ته اهڙو فيصلو ويڪسينيشن جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ ورتو ويو آهي، سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت سئو فيصد ويڪسينيشن وارن اسڪولن کي 30 آگسٽ کان کولڻ جي اجازت پڻ هوندي. هن وڌيڪ چيو آهي ته اڄ خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان پڻ ڳالهه ٻولهه رکيل آهي ۽ ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ڪئي ويندي. سنڌ اندر ڪورونا سبب لاڳيتو اسڪول بند هجڻ سبب شهرين ۾ پريشاني وڌي رهي آهي، تنهن ڪري ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي پڻ گذريل ٻن ڏينهن کان ڊگهو بحث هلي رهيو آهي، ماڻهن جي اڪثريت اسڪول کولڻ جي حق ۾ آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته آمريڪا جهڙي جديد ۽ سپر پاور ملڪ ۾ پڻ اسڪول بند پيل آهن، تنهن ڪري ان معاملي کي سياسي نه پر انساني بنيادن تي ڏسڻ گهرجي، اها به حقيقت آهي ته ڪورونا سبب اسڪول بند هئڻ سبب ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي ۽ هر گهر مان اهائي صدا بلند ٿي رهي آهي ته موجوده نسل بابت خبر ناهي ته ڇا ٿيندو، ٻارڙن جا والدين ته ٻطرفي پريشاني جو شڪار آهن، هڪ طرف مفت ۾ اسڪولن جون فيون ڀري رهيا آهن ته ٻئي طرف اسڪول بند هجڻ سبب ٻار گهر ويٺل آهن ۽ سندن رهيل کهيل ”نور“ به چٽ ٿي ويو آهي. هر والدين پنهنجي ٻارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪول ويندي ڏسڻ چاهي ٿو پر ان رستي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا رڪاوٽ آهي، توڙي جو ڪورونا هڪ عالمي موتمار وبا آهي پر اها به هڪ بدقسمتي آهي ته موجوده جديد دور ۾ به خود ڪورونا تي هڪ بحث هلي رهيو آهي، اڪثر ماڻهو ته ڪورونا کي مڃڻ لاءِ به تيار ناهن، پر سوال اهو آهي ته اهي ايترا ماڻهو روزانو ڪيئن ۽ ڪهڙي بيماري ۾ مري رهيا آهن؟ تازي رپورٽ موجب ملڪ اندر ڪورونا سبب وڌيڪ 75 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ ڊاڪٽر پڻ شامل آهن، سرڪاري ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 53527 ڪيس ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 3842 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي، ويب سائيٽ موجب ملڪ اندر 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.1 فيصد رهي آهي، جڏهن ته لاهور، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 11 سيڪڙو کان به مٿي آهي، اهي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ته چوٿين لهر کانپوءِ هاڻي ڪورونا جي پنجين لهر به شروع ٿيڻ واري آهي، بهرحال اها حقيقت آهي ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي ۽ اها پاڪستان کان ويندي دنيا جي هر وڏي ننڍي توڙي امير ۽ غريب ملڪ ۾ موجود آهي ۽ ان وبا ۾ ماڻهو خاموشي سان مري رهيا آهن، ڪيترائي ته اهڙا ماڻهو جيڪي ظاهر نٿا ٿين پر ڪورونا انهن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي، خبر ناهي ته دنيا هاڻي عام حالتن ڏانهن ڪڏهن واپس ٿيندي اها بس هڪ اميد ئي باقي رهجي وئي آهي، پر ان وبا دوران انساني وهنوار کي هلائڻ به هڪ فن آهي تنهن ڪري حڪومتن کي گهرجي ته اهي فيصلن ۾ عوام کي به شامل ڪن ۽ اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلندا ته ماڻهن جي ڪجهه پريشاني گهٽجي سگهندي. اسڪول کولڻ جي معاملي تي به سرڪار کي هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀني ڌرين کي گهرائي نه فقط بريفنگ ڏيڻ گهرجي پر اتفاق راءِ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، بهرحال بازارون کولڻ سان گڏ اسڪول کولڻ به ضروري آهي، ان جو رستو ضرور ڪڍڻ گهرجي.