ليکڪ: پروفيسر عبدالڪريم شيخ
جنگشاهي ڪوھستان تاريخي ۽ قديمي علائقي طور سڃاتو وڃي ٿو جيڪو قدرتي وسيلن طور مالامال پڻ آھي جنگشاهي ڪوھستان جو پٿر ۽ ڪوئلو تمام گھڻو مشھور آھي ۽ ھتان جو پٿر ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ وڃي ٿو پر بدقسمتي سان ان جي رائلٽي اڄ تائين ڪنھن کي ملي ٿي اھا ڪنھن کي به خبر نه آهي، جيڪو پڻ ضلعي ٺٽي جي انتظاميا جي لاءِ سواليا نشان آهي، ان سان گڏوگڏ جنگشاهي شهر سنڌ جي ٻن وڏين ڍنڍن ھاليجي ڍنڍ ۽ ھڏيرو ڍنڍ جي ويجھو پڻ آهي تنھن جي باوجود ھتان جا رهواسي اڄ ڏينهن تائين پاڻي جي ڍڪ لاءِ ترسندا رھيا آھن انڪري ھتان جو حال ڏسي ڪري ڪربلا جو منظر ياد ايندو آهي، جنگشاهي ڪوھستان پٽي ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ھتان جي عوام کي سدائين پاڻي بحران کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڪيترائي سال گذرڻ باوجود به اڄ تائين ھتان جو پاڻي وارو مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي، جنگشاهي شھر ۾ ھلندڙ موجوده واٽر سپلاءِ اسڪيم صرف ۽ صرف جنگشاهي شھر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ايندڙ ڪجهه ڳوٺن کي پاڻي مھيا ڪري رھي آھي پر جنگشاهي ۽ ڪوھستان جا ڪافي ڳوٺ ويندي اسحاق کوھه کان وٺي ڪري ھاليجي ڍنڍ جي ڀرسان سوين سالن کان آباد مختلف ڳوٺ پاڻي جھڙي عظيم نعمت کان اڄ ڏينهن تائين محروم آھن، جيڪا ھتان جي عوام سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم آھي، ڇو ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت آھي، اڄوڪو آرٽيڪل لکڻ جو اصل مقصد اھو آھي ته ھلندڙ ھفتي ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن پاران ورلڊ واٽر ويڪ طور ملهايو پيو وڃي جنھن جو اصل مقصد اھو آھي ته سڄي دنيا ۾ پاڻي جا ذخيرا آخر ڇو گھٽجي رھيا آھن؟ ان جا اصل سبب ڪھڙا آھن؟ پاڻي جي ذخيرن کي آخر ڪيئن بچائي سگھجي ٿو؟ پاڻي ذخيرن کي بچائڻ جو ھڪ ذريعو سمال ڊيم پڻ آھن، جن جي اسان وٽ گھڻي کوٽ آهي، مثال طور جنگشاهي ڪوھستان ۾ اڪثر برساتن پوڻ کانپوءِ جبلن تان نيون وھي اينديون آهن، ھڪ اندازي موجب انھن برساتن کانپوءِ وھي ايندڙ نين جو ڪروڙين گيلن پاڻي بنا سبب سمنڊ ۾ ضايع ٿي ويندو آهي، جيڪو اسان جي ايندڙ وقت لاءِ گھڻو نقصانڪار ثابت ٿيندو. جيڪڏهن حب ڊيم کي ڏٺو وڃي ته جيڪو برسات پوڻ کانپوءِ گھڻي ڀاڱي ڀرجي ويندو آهي جنھن مان ڪراچي شھر کي روزانو ۱۰۰ ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو، تازو پيل برساتن کانپوءِ حب ڊيم جي سطح ۳۳۹ فوٽن تائين پھچي وئي آهي، انڪري ايندڙ ٻن سالن تائين ڪراچي شھر کي حب ڊيم مان پاڻي جي فراھمي جاري رھندي جيڪڏهن ھتان جا عوامي نمائندا جنگشاهي ڪوھستان ۾ به حب ڊيم جي طرز تحت ڪو سمال ڊيم ٺھرائي ڇڏين ته شايد جنگشاهي ڪوھستان ۾ سالن کان ھلندڙ پاڻي بحران ختم ٿي سگھي ٿو، جنگشاهي ڪوھستان ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه سمال ڊيم ٺاھيا وڃن، ھڪ يو سي ڪوھستان ۷/۴ ۾ ۽ ٻيو ڇتيجي لڳ ھاليجي ڍنڍ يو سي جنگشاهي پاسي سمال ڊيم ٺاهيا وڃن ته جيئن برساتن کانپوءِ جبلن تان وھي ايندڙ نين جو ڪروڙين گيلن پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگھجي، ڇو ته جنگشاهي ڪوھستان ۾ اڪثر پوندڙ برساتن کانپوءِ ڪوھستاني جبلن تان وھي ايندڙ نين جو پاڻي نيوات وسيلي کاري نالي کان ٿيندي گھاري لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جنھن ڪري ڪروڙين گيلن پاڻي ضايع ٿئي ٿو انڪري جيڪڏهن جنگشاهي ڪوھستان ۾ سمال ڊيم ٺاھيا ويا ته پاڻي بحران ختم ٿيڻ سميت بجلي جا منصوبا پڻ لڳائي سگهجن ٿا، جنھن سان نه رڳو جنگشاهي ڪوھستان پٽي پر پوري ٺٽي ضلعي کي وڌ کان وڌ فائدو ٿي سگهي ٿو، جنگشاهي يو سي ۽ ڪوھستان ۷/۶ يو.سي ۾ پ پ حڪومت 3 آر او پلانٽ لڳائي ڏنا جن سان ڪجھه وقت بھتري ھئي پر سنڌ حڪومت جي ماتحت ۽ آر او پلانٽ سان لاڳاپيل ادارن جي عدم دلچسپي سبب ڳوٺ سبز علي خان بروهي، ڳوٺ علي محمد جوکيو، ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ لڳل آر او پلانٽ مڪمل غير فعال ٿي ويا آھن، جنھن ڪري ھتان جا ماڻھو پيئڻ جي صاف لاءِ ڏينهن رات پريشان آهن جيڪڏهن پبلڪ ھيلٿ انجينئرنگ کاتو ۽ آر او پلانٽ سان لاڳاپيل ادارا ٿورو تحرڪ وٺن ته ڪجهه بھتري اچي سگھي ٿي.