مرزاپور (ويب ڊيسڪ) مرزاپور ۾ جوابدار ڪارنهن جي تهمت هڻي زال ۽ نئين ديري واسي مهمان کي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ گذريل رات دير سان جوابدار ڀورل جوڻيجي سندس ڀاءُ حسين بخش ۽ ڀيڻويي علي جوڻيجي گڏجي عزيزان خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪيو، عورت کي مارڻ بعد مهمان ٿي آيل نئين ديري واسي انور ککراڻي کي به موقعي تي قتل ڪيو ويو، اطلاع تي ڳاهيجا پوليس لاش تحويل ۾ ورتا، ٻنهي مقتولن جا مڙهه مدئجي اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن مقتول انور ککراڻي جي زال منور خاتون ککراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان دوا وٺڻ لاءِ آيا هئاسين، گاڏي پنڪچر ٿيڻ تي مجبورن مرزاپور ۾ ڀورل جوڻيجي وٽ رهائش اختيار ڪئي ته رات ڀورل ۽ ٻين منهنجي مڙس تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي قتل ڪيو آهي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي، هوڏانهن ڳاهيجا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي، جوابدار ڀورل جوڻيجي کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن قتل جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري جلد ٻيا جوابدار گرفتار ڪنداسين ۽ سرڪاري سطح تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. خبر فائل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.
132