174

دوستي نه رکڻ تان نوجوان تي تيزاب ھاريندڙ جوابدار کي عدالت 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوجوان کي دوستي نه رکڻ تي مٿس تيزاب هارڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضيٰ جي عدالت جوابدار اعظم آرائين کي قيد سان گڏ 5 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سائيٽ ٿاڻي جي پوليس 18 نومبر 2020ع دوران محمد اشرف جٽ جي فرياد تي سندس پٽ غلام مصطفيٰ کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو، محمد اشرف جٽ چيو ته جوابدار اعظم آرائين پٽ سان گڏ مل ۾ ملازمت پئي ڪئي ۽ دوستي رکڻ لاءِ مجبور ڪيو، انڪار تي هن پٽ مٿان تيزاب هاريو جنهن ڪري سندس چهرو سخت متاثر ٿيو، عدالت فريادي جي وڪيل ملڪ عرفان اعواڻ جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو