15

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين تي پابندي جو فيصلو 15 اپريل تائين برقرار

اهو واضع هئڻ گهرجي ته جيڪو اشتهار جاري ڪيو ويو، ان تي ڀرتيون ٿي ويون آهن يا اڃا هاڻي ٿينديون؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين تي پابندي وارو فيصلو 15 اپريل تائين برقرار رکندي ايندڙ ٻڌڻي تي سيسي کان ڀرتين بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايم ڪيو ايم طرفان داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو واضح هئڻ گهرجي ته جيڪو اشتهار جاري ڪيو ويو ان تي ڀرتيون ٿي ويون آهن يا اڃا هاڻ ٿينديون؟ جيڪڏهن ڀرتيون ٿي ويون ته هڪ الڳ قانوني معاملو بڻجي ويندو پوءِ جنهن کي ملازمت ملي آهي ان جو به قانوني حق بڻجي ٿو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيسي کان ڀرتين بابت تفصيل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت گريڊ هڪ کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين تي پابندي وارو فيصلو پڻ 15 اپريل تائين برقرار رکي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو