152

ڏهرڪي ويجهو ڀرچونڊي پيرن ۽ ڪوڀر برادري ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهو کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ صاحبڏنو ڪوڀر (دڙي ڪوڀر) ۾ ڀرڇونڊي پيرن ميان منظور احمد قادري ۽ ڪوڀر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، جنهن بعد گذريل ڏينهن ٻنهي ڌرين ۾ ٻيهر جھيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب ڀرچونڊي پيرن جا 2 نوجوان ميان محمد اعظم پٽ ميان اصغر ۽ ميان مسعود پٽ ميان منظور احمد ۽ ڪوڀر برادري جا شاھنواز ڪوڀر، عمران ڪوڀر، عبدالعزيز ڪوڀر سميت ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل تڪرار جي اطلاع تي ڀرچونڊي پيرن ۽ ڪوڀر برادري جي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو، جتي ميان محمد اعظم کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب کيس ميرپور ماٿيلو جي هيڊڪواٽر اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي ميان محمد اعظم ميرپور ماٿيلو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته ڪوڀر برادري جو شاهنواز پٽ دادو کي رحميارخان نيندي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته کينجهو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهي نتيجي ۾ ڌرين ۾ جاني نقصان ٿيڻ باوجود فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان هلندڙ هو. جنهن ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي جڏهن ته وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. ان سلسلي ۾ ڀرچونڊي پير ميان منظور احمد قادري جو چوڻ آهي ته اسان اهڙي زمين پنجاب واسي رٽائرڊ فوجي غلام سرور جي وارثن کان مختيار عام ذريعي وٺي ڇڏي هئي. جنهن تي هاڻي قانوني اسان جو حق آهي. اسين زمين تي پنهنجو قانوني حق رکندي ڪوڀر برادري کي مامرو ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جو چيو پر هنن ڪنهن جي ڳالهه نه مڃي. جڏهن ته ڪوڀر برادري جي شهمير ڪوڀر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل زمين گذريل 40 سالن کان سندن قبضي ۽ هارپي هيٺ آهي. هنن چيو ته اهڙي زمين اسان جي اباڻي زمينن ۽ گهرن جي ويجهو آهي ان ڪري کيس خريد ڪرڻ به اسان جو حق آهي. هنن چيو ته اسان زمين جي خريدي لاءِ مالڪن سان ڳالهيون هلائي رهيا هئاسين ته ميان منظور احمد اسان جي روڪڻ باوجود لڪ ڇپ ۾ ڄاڻايل زمين رٽائرڊ فوجي جي وارثن کان مختيارڪار لکرائي ويو. ۽ هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر وٽ اچي ڪيمپ قائم ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جي مزاحمت تي هن جي هٿياربندن اسان جي بي گناهه ماڻهن تي سڌا فائرم ڪيا جنهن ۾ شاهنواز ڪوڀر قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. هنن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ زمين ڀرچونڊي پيرن کي نه ڏينداسين. هوڏانهن کينجهو پوليس ڌرين ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڌرين جي معززين کي سان ڳاليهون شروع ڪري ڏنيون آهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو