157

بجلي بچائڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ ڪاروبار رات جو 9 وڳي ۽ شادي هال ساڍي 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم، اڄ کان ئي عمل ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڪاروباري وقت تبديل ڪندي مارڪيٽون ۽ ڪاروباري سرگرميون رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي گهرو کاتي پاران قلم 144 تحت ڪاروباري سرگرميون رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪاروباري سرگرميون رات جو 9 وڳي کان پوءِ جاري رکڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ڪاروباري وقت اڄ کان ئي لاڳو ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ شادي هالز کي رات جو ساڍي 10 وڳي بند ڪرڻو پوندو جڏهن ته هوٽلز، ريسٽورنٽ ۽ ڪافي شاپس رات جو 11 وڳي تائين کليل رهندا جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورز، اسپتالون، پيٽرول پمپس، سي اين جي اسٽيشنز، بيڪريون ۽ کير جا دڪان ان پابندي کان آجا هوندا. هورڊنگز ۽ سائن بورڊن جي بجلي پڻ رات جو جلدي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڪاروباري وقت هڪ مهيني تائين لاڳو رهندو. ٻي پاسي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ  ڪراچي جي ڏکڻ ضلع ۾ انتظاميه جي عملدارن 9 ٿيندي ئي ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ عبدالستار عيساڻي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر سب ڊويزن آرم باغ امر شاڪر ججها ۽ مختيارڪار آرام باغ ابوبڪر سڌايو ساڍا 9 ٿيندي ئي سب ڊويزن آرام باغ جي مختلف علائقن، الله والا مارڪيٽ، جامع ڪلاٿ مارڪيٽ، لائيٽ هائوس، لي مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ سميت مختلف علائقن ڪاروباري مرڪز مڪمل بند ڪرائي ڇڏيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو