45

پيپلزپارٽي سنڌ کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو: بي بي سي

سنڌ ۾ 2008ع کان ناقابل شڪست رهڻ جا سبب ، پيپلزپارٽي سنڌ کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو: بي بي سي

ڪالاباغ ڊيم، مالي وسيلا، آدمشماري تي پ پ سنڌ م هارڊ لائين اختيار ڪئي

پيپلزپارٽي جي منظم تنظيمي ڍانچي کي خبر آهي ته سياست ڪيئن ٿيندي آهي

قومپرست بيانيي جي بنياد تي مخالفت ڪندا آهن پر انهن جي تنظيمي ساک ناهي

پيپلزپارٽي گورننس جو ماڊل اختيار ڪيو آهي اها ئي ان جي طاقت آهي: رپورٽ جاري

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بي بي سي پنهنجي رپورٽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي 2008ع کان ناقابل شڪست رهڻ جا سبب بيان ڪيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آحي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به سنڌ کي اڪيلو ناهي ڇڏيو، ڪالاباغ ڊيم، مالي وسيلا، آدمشماري هجي يا تعليمي نصاب، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ هڪ هارڊ لائين اختيار ڪئي.پيپلزپارٽي جو هڪ منظم تنظيمي ڍانچو آهي، جنهن کي خبر آهي ته سياست ڪيئن ٿيندي آهي، اهو به ڪاميابي جو سبب آهي. سنڌ ۾ جيڪي مسئلا آهن، پيپلزپارٽي انهن تي سنڌ جي پوزيشن وٺندي آهي ۽ ووٽرز جون جيڪي خواهشون آهن، انهن جو اظهار ڪندي آهي. پيپلزپارٽي جا حريف ڪمزور آهن، قومپرست بيانيي جي بنياد تي مخالفت ڪندا آهن پر انهن جي تنظيمي ساک نه آهي، پيپلزپارٽي گورننس جو ماڊل اختيار ڪيو آهي اها ئي ان جي طاقت آهي، ان جو سنڌ ۾ ڪو به مقابلو ناهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو