ڪشمور (ن سوڀ) ڪشمور جي سيڪنڊ سول ڪورٽ جي جج وقار احمد جوڻيجو جي عدالت واپاري سان پئسن جي ڏيتي ليتي ۾ فراڊ ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٺل واسي جوابدار ماجد حسين نوناري کي ٽي سال قيد ۽ 30 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار ماجد حسين نوناري ڪشمور واسي واپاري اميش ڪمار سان ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ 8 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو ھو.