510

پنجاب ۾ چونڊ اتحاد لاءِ جي يو آءِ جو پيپلز پارٽي سان رابطو، بلاول ڀٽو اختيار يوسف رضا گيلاني کي ڏئي ڇڏيا

پنجاب ۾ چونڊ اتحاد لاءِ جي يو آءِ جو پيپلز پارٽي سان رابطو، بلاول ڀٽو اختيار يوسف رضا گيلاني کي ڏئي ڇڏيا

ملتان ( م ڊ ) جي يو آءِ  ( ف ) پنجاب ۾  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان چونڊ اتحاد  يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ جي يو آءِ جو پيپلز پارٽي سان پهريون رابطو پڻ ٿيو آهي. جڏهن ته  بلاول ڀٽو ڪو به فيصل ڪرڻ جو اختيار يوسف رضا گيلاني کي ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ پنجاب جي پارليماني بورڊ جي وفد ملتان ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي وائس چيئرمين گيلاني سان ملاقات ۾ پنجاب جي سطح تي چونڊ اتحاد توڙي سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ مشاورت کان پوءِ وڌيڪ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. جي يو آءِ جي ترجمان موجب ملاقات دوران ئي يوسف رضا گيلانيءَ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان فون تي رابطو ڪري کيس ڄاڻ ڏني. جنهن تي بلاول ڀٽو پنجاب جي سطح جي پارٽي معاملن بابت ڪي به فيصلا ڪرڻ لاءِ يوسف رضا گيلانيءَ کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا.
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنجاب ۾ چونڊ اتحاد لاءِ جي يو آءِ جو پيپلز پارٽي سان رابطو، بلاول ڀٽو اختيار يوسف رضا گيلاني کي ڏئي ڇڏيا” ایک تبصرہ

  1. Bashir Ahmed Bhand , Prident : KISAN COMMUNITIE'S (DISABILITIES & WOMEN'S DEVELOPMENT'S FOUNDATION & CHATITABLE ORGANIZATION -KINGRI -KHAIR PUR MIRS SINDH PAKISTAN says:

    بھت بھتر

پنهنجي راءِ ڏيو