127

آمريڪا پاران ايران جي ٻن ڪمپنين ۽ چئن شهرين تي پابنديون لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ناڻي کاتي ايران جي ٻن ڪمپنين ۽ چئن شهرين تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، انهن سڀني جي شڪ آهي ته اهي ايران جي ڊرون پروگرام جو حصو آهن ۽ هنن پاسداران انقلاب جي مدد ڪئي، جنهن کي آمريڪا ٻن سالن لاءِ ”دهشتگرد“ تنظيم قرار ڏنو آهي. واشنگٽن حڪومت جو الزام آهي ته ڄاڻايل ماڻهن ۽ ڪمپنين لبناني شيعا عسڪري تنظيم حزب الله ۽ يمن ۾ حوثي باغين کي ڊرون فراهم ڪيا، متاثر ماڻهو ۽ ڪمپنيون آمريڪا سان ڪو ڪاروبار نه ڪري سگهندا ۽ آمريڪا ۾ انهن جا سڀ اثاثا منجمد ڪيا ويندا، آمريڪا طرفان اهو قدم اهڙي موقعي تي کنيو ويو آهي، جڏهن روم ۾ ”جي ٽوئنٽي“ اجلاس جي موقعي تي ايراني جوهي ڊيل تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو