25

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، ڌرڻا اجايا آهن: نثار کهڙو

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو، ڌرڻا اجايا آهن: نثار کهڙو

عوام ووٽ جو حقيقي استعمال ڪيو، ڪجھه ماڻهو اشو بڻائي ڌرڻا هڻي رهيا آهن

اسان کي عوام کٽرايو، توهان ان تي خفا ڇو ٿا ٿيو؟ جدوجهد ڪيو، اسان به ڪنداسين

نثار کهڙو جي شهيدن جي مزارن تي حاضري، خورشيد جوڻيجو، ڊاڪٽر شفقت ۽ ٻيا گڏ هئا

نئون ديرو (ن سوڀ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو عام چونڊن ۾ پي ايس 15 ميروخان تي ڪاميابي ماڻڻ بعد ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي پهريان کان وڌيڪ سيٽون کٽي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجھه ماڻهو ان کي اشو بڻائي تعصبي انداز ۾ ڌرڻا هڻي رهيا آهن، مان انهن مخالفن کي چوان ٿو ته توهان ڌرڻا هڻي عوام جي بيعزتي ڪري رهيا آهيو، جنهن عوام پنهنجي ووٽ جو حقيقي استعمال ڪيو آهي جنهن ڪري پيپلز پارٽي کي وڌيڪ ووٽ مليا ۽ پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي وئي توهان ان تي خفا ڇو ٿا ٿيو؟ توهان پنهنجي جدوجهد جاري رکو اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين اسان کي عوام کٽرايو آهي ان تي اوهان کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ سڄي سنڌ جي خدمت ڪندي اهي ڳوٺ هجن يا شهر هجن اسان سنڌ جو فرق ختم ڪرڻ چاهيون ٿا پوري سنڌ هڪ هوندي ٻهراڙي ۽ شهري فرق ختم ڪنداسين. هن چيو ته عوام اسان تي اعتماد ڪيو ان لاءِ هن ڀيري عوام اسان کي وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ڪرايو، فنڊن جو بندوبست ٿيل آهي رهيل ترقياتي ڪم مڪمل ڪرايا ويندا. ان موقعي تي خورشيد جوڻيجو، ڊاڪٽر شفقت سومرو، قمرالدين گوپانگ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو