158

ٽماٽن، بصرن ۽ گيهه سميت 22 شيون مهانگيون ٿي ويون، گهريلو سلينڊر 43 رپيا 26 پئسا مهانگو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل هفتي ٽماٽن، بصرن ۽ گيهه سميت 22 شيون مهانگيون ٿي ويون آهن، جنهن ڪري پورهيت طبقو وڏي پريشاني کي منهن ڏ.ئي رهيو آهي، رپورٽ موجب شماريات واري وفاقي کاتي هفتي وار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ٽماٽن ۽ پٽاٽن سميت کاڌ خوراڪ جون ٻيون شيون هٿرادو مهانگيون ڪيون ويون آهن،ايل پي جي گهريلو سلينڊر 43 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جنهن ڪري عوام پريشاني ۾ وٺجي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو