بينظير ڀٽو جي ورسي تي سنڌ حڪومت پاران اڄ عام موڪل جو اعلان
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي نگران حڪومت بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڄ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ،سنڌ صوبي جا سرڪاري، نجي ادارا، لوڪل ڪائونسل ۽ صوبائي حڪومت جون انتظامي آفيسون بند رهنديون. سنڌ حڪومت عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. |