146

آمريڪا اتر ڪوريا تي ميزائيل تجربا بند ڪري ڇڏيا، ايٽمي سفارتڪاري شروع

سيئول (ويب ڊيسڪ) آمريڪا اتر ڪوريا تي زور ڀريو آهي ته هو ميزائيل تجربن کان پاسو ڪري ۽ ايٽمي سفارتڪاري ٻيهر شروع ڪري. برطانوي ذريعن مطابق آمريڪي سينئر سفارتڪار ڪارسنگ ڪم ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان اتر ڪوريا تي زور ڀريون ٿا ته هو چڙ ڏياريندڙ ۽ عدم استحڪام جو سبب بڻجندڙ سرگرمين کي بند ڪري، ڳالهين ۾ شامل ٿئي. هن چيو ته اسان بنا ڪنهن شرط جي اتر ڪوريا سان ڳالهين لاءِ تيار  آهيون ۽ اسان واضح ڪيو آهي ته آمريڪا پيانگ يانگ خلاف ڪنهن به قسم جي دشمني جو ارادو نٿو رکي. واضح رهي ته واشنگٽن طرفان هي مطالبو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن پيانگ يانگ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٻن سالن ۾ سمنڊ اندر لانچ ڪيل پنهنجي پهرين بيلسٽڪ ميزائيل جو تجربو ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو