23

مڪاني نظام جي قانون ۾ ن ليگ نه سنڌ حڪومت پاڻ ترميم ڪندي:وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ن ليگ جو ڪو به نمائندو ناهي پر بااختيار مڪاني حڪومتون موجود آهن، مڪاني نظام جي قانون ۾ ن ليگ نه سنڌ حڪومت پاڻ ترميم ڪندي، مڪاني حڪومتن جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ اسان تيار آهيون

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ميڊيا سان ڳالهين دوران پ پ جي نامزد سينيٽ ميمبرز جو اعلان ڪيو ويو

اسلم ابڙو ۽ ڄام سيف الله ڌاريجو سينيٽ لاءِ نامزد، وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراهه ڪورنگ اميدوار هوندا، مراد علي شاهه طرفان ٻنهي نامزد سينيٽرز کي مبارڪون

 وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ اسلام آباد ۾ آهي، سنڌ ۾ باختيار بلدياتي حڪومت موجود آهي،  ان کي اڃا وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ ترميمون ڪيون آهن، مڪاني حڪومتن جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ به تيار آهيون

هن چيو ته ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب فعال طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي، قانون ۾ وڌيڪ ترميم ٿيندي ته سنڌ اسيمبلي ڪندي، اهو اختيار ن ليگ کي حاصل ناهي، ڇاڪاڻ ته ن ليگ جو سنڌ ۾ ڪو به نمائندو ناهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم وارن شايد سنڌ جي بلدياتي نظام کان متاثر ٿي ن ليگ سان پنجاب لاءِ معاهدو ڪيو آهي، وڌيڪ بهتريءَ جي ضرورت هوندي ته اسان پاڻ ڪنداسين

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو