189

رياست، حڪومت ۽ سياست آئين تحت ٿيندي ته ملڪ ترقي ڪندو: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته قومي ادارن کي ڪنهن پارٽي جو نه پر ملڪ/ڏسو صفحو 7 بقايا نمبر 14

 ۽ قوم جي مفادن جو پابند هجڻ گهرجي سول بيوروڪريسي کي رياست ۽ عوام سان وفاداري جو ثبوت ڏيڻو پوندو. اڪثر سياسي پارٽيون فيملي لميٽيڊ پارٽيون آهن جيڪي جمهوريت تي يقين نٿيون رکن، جڏهن ته رياستي ادارا ۽ سول بيوروڪريسي جاگيردارن ، چوڌرين، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ڪلبن تي مشتمل پارٽين جا آله ڪار بڻيل آهن. انهن خيالن جو اظهار سينيٽر سراج الحق منصوره لاهور ۾ جي آئي يوٿ جي مرڪزي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم، جي آئي يوٿ جي صدر زبير گوندل سميت ٻيا ميمبر موجود هئا.سراج الحق چيو ته سيڪيولر ازم، لبرل ازم ۽ تبديلي جي نالن تي اچڻ واري حڪومتن ملڪ کي آئين ۽ قانون جي مطابق هلائڻ ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي سميت هر حوالي سان ناڪام ثابت ٿيون آهن. چهرا تبديل ڪرڻ ۽ عوام کي يرغمال رکڻ جون سموريون پاليسيون ناڪام ثابت ٿيون آهن. رياستي ادارن کي جاگيردارن ، وڏيرن، نامور سرمائيدارن ۽ ڪرپٽ اشرافيه جي شڪنجي ۽ چنبي مان آزاد ڪرائڻ کان سواءِ ملڪ اڳيان ترقي نٿو ڪري سگهي. ملڪ کي اسٽيٽس جي نرغي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي قائم ڪرڻ جماعت اسلامي جي جدوجهد جو مرڪزي محور آهي. سمورن ادارن کي پنهنجي حلف جي مطابق آئين جي پابندي ڪرڻي پوندي ڪونه فرد، آئين ۽ قانون کان مٿانهون نه آهي.هن چيو ته رياست، حڪومت ۽ سياست آئين جي مطابق ٿيندي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ٿي سگهي ٿو. 73 سالن مسلط استحصالي نظام کي هاڻ وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي. “s���n

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو