237

ڪورونا سبب دنيا ۾ 16 لک 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، آمريڪا ۾ رڪارڊ فوتگيون، هڪ ڏينهن اندر 3700 ڄڻن دم ڏنو، ڀارت متاثر ملڪن ۾ ٻئين نمبر تي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وگهي دنيا ۾ هن وقت تائين 16 لک 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 3700 فوتگيون ٿيون آهن. آمريڪا ۾ رڪارڊ فوتگين کانسواءِ هڪ ڏينهن ۾ اڍائي لک مريض ۾ سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ ڪورونا ڪيسن جو ٽوٽل انگ هڪ ڪروڙ 73 لک 92 هزار کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته فوتگيون 3 لک 14 هزار کان وڌي ويون آهن. آمريڪي اداري ايف ڊي اي ڪورونا ٽيسٽ ڪِٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪي دڪانن تان خريد ڪري گهرن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي. برطانيا ۾ ڪورونا سبب فوتگين ۾ اوچتو واڌ ٿي وئي آهي ۽ هڪ ئي ڏينهن اندر 612 ڄڻا فوت ٿي ويا. برطانيا ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين جو انگ مجموعي طور تي ساڍا 65 هزارن کان به وڌي ويون آهن، جڏهن ته 25 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪورونا سبب بدترين متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٻيون نمبر ڀارت آهي، جتي ڪورونا ڪيسن جو انگ 99 لکن کان وڌي ويو آهي ۽ ڪورونا سبب اتي هڪ لک 44 هزارن کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن، ان کانسواءِ برازيل، روس ۽ فرانس به ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن، برازيل ۾ هڪ لک 83 هزار، فرانس ۾ 59 هزار ۽ روس ۾ 48 هزار کان وڌيڪ ماڻهو هن وبا وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو