227

مبينا مقابلو: خانپورمهر ۾ نوجوان ماريندڙ ٻن ايس ايڇ اوز ۽ 10 اهلڪارن جا وارنٽ جاري

خانپورمهر (رپورٽ: نواب علي ميراڻي ) خانپورمهر پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان وارو ڪيس عدالت ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، ٻن ايس ايڇ اوز سميت 10 اهلڪارن جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. گهوٽڪي جي عدالت خانپورمهر پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ ماريل غلام مصطفيٰ سميجو جو ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اٽڪل اڍائي مهينا اڳ خانپورمهر پوليس پاران ڀڙ واري علائقي ۾ مبينا مقابلي ۾ ماريل جهانپور واسي نوجوان غلام مصطفي سميجو واري معاملي تي سندس والد عبدالسلام سميجو پاران داخل ڪيل درخواست تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت سڌي فرياد ۾ نامزد اهلڪارن جي ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، گهوٽڪي جي عدالت ٻن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي، سرحد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او بهارالدين ڪيريو سميت 10 اهلڪارن ڏانهن ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته درخواست ۾ ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي، سرحد ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او بهارالدين ڪيريو، جهانپور چوڪي انچارج اصغر مهر، خانپورمهر ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر الهڏنو سهتو، پوليس اهلڪار ربنواز مهر، غلام مصطفي سومرو سميت 10 اهلڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مقتول جي وارثن عدالت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خانپورمهر پوليس اسان جي نوجوان کي بيگناھ قتل ڪيو آهي اسان کي اميد آهي ته عدالت اسان سان انصاف ڪندي، واضح رهي ته پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان غلام مصطفي سميجو جي والد عبدالسلام سميجو گهوٽڪي جي عدالت ۾ سڌي فرياد داخل ڪرڻ لاءِ 23 آڪٽوبر تي درخواست ڏني هئي، جنهن تحت گهوٽڪي جي عدالت غلام مصطفي سميجو واري ڪيس کي ٻڌڻ جو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو