اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته 2021ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ نه ڪورونا رهندي ۽ نه پي ڊي ايم. سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته سال 2021ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ نه ڪورونا رهندي ۽ نه ئي پي ڊي ايم، حڪومت فيبروري ۾ پنهنجو اڌ مدو مڪمل ڪندي. هن چيو ته منصوبن طرف ڌيان وڌيڪ ڏيڻو پوندو، هن 6 مهينن ۾ اهڙا منصوبا شروع ڪرڻا آهن جيڪي ٻن سالن ۾ پڄاڻي تي پهچن، ن ليگ ۽ پ پ پ هن عرصي دوران پنهنجي نئين ليڊرشپ ڳولين.
187