252

اسٽيبلشمينٽ هميشه چونڊيل حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ هميشه چونڊيل حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته بهاولپور ۾ پي ڊي ايم جي شو ۾ پاور ڪٿي به نه هو، شريڪ ٿيندڙن ۾ اڪثر شاگرد هئا، ڏکڻ پنجاب ۾ ڪڏهن به فنڊن جي شفاف نموني ورهاست ناهي ٿي، ڏکڻ پنجاب کي محروم ڪنهن رکيو؟ ان وقت پنجاب ۾ حڪومت ڪنهن جي هئي؟ هاڻوڪي حڪومت اختيار ڏکڻ پنجاب منتقل ڪيا، هاڻي ڏکڻ پنجاب جا فنڊ ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل نه ٿي سگهندا. هن چيو ته مڇ واقعو افسوسناڪ آهي، معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريان ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو