اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 52 مريض فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2118 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 52 فوتگيون ٿيون جنهن مان 24 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، ڪورونا جي 2 هزار 118 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 52 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 47 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 31 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 32 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 59 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 917 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 457، پنجاب ۾ 15 هزار 997، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 521، اسلام آباد ۾ 4 هزار 870، بلوچستان ۾ 466، گلگت بلتستان ۾ 357، آزاد ڪشمير ۾ 249 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 48 هزار 393 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 313 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 37 هزار 740 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 92 هزار 594 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 396، بلوچستان ۾ 18 هزار 280، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 837، اسلام آباد ۾ 38 هزار 531، خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار 955، پنجاب ۾ 1 لک 42 هزار 58 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 20 هزار 501 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 10 هزار 461 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 634 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 4 هزار 184 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 695 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 432 فوتگيون ٿيون، بلوچستان ۾ 186 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 101 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 229 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 69 لک 23 هزار 857 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 626 اسپتالن ۾ 2 هزار 759 مريض علاج هيٺ آهن.
165