278

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي ماهر پروفيسر آخوند هدايت پريم جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، مقررن پاران ڀيٽا پيش

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ناليواري تعليمي ماهر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻو پروفيسر آخوند هدايت پريم جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ ناليواري واري تعليمي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، پروفيسر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، پروفيسر فياض لطيف چانڊيو، ڊاڪٽر نور محمد شاهه، پروفيسر غلام نبي سڌايو، محمد يوسف جويو، پروفيسر مخمور بخاري، هدايت پريم جي ڀائٽي حبيب الله آخوند، ريحانه ملاح سوڌو استادن، آفيسرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. مقررن پروفيسر آخوند هدايت پريم جي شخصيت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڊاڪٽر هدايت پريم نه رڳو ادب سان تعلق رکندڙ هو پر محبتي ماڻهو پڻ هو، پاڻ هر وقت نئين موضوع جي جستجو ۾ هوندو هو، کيس محبت جا ميلا مچائڻ ۾ دلچسپي هوندي هئي، هو نه رڳي سٺو استاد ۽ اڳواڻ پر بهترين مقرر، مزاح پسند ۽ مهمان نواز پڻ هو. مقررن وڌيڪ چيو ته پروفيسر آخوند هدايت پريم جون تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، هن ڪيترائي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا جيڪي تعليم ۽ ادب سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو