157

يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه 48 رپيا ۽ آئل جي اگهه ۾ 29 رپيا في ليٽر واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه جي اگهه ۾ 48 رپيا في ڪلو ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهه ۾ 29 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. رپورٽن مطابق يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف ڪمپنين جي گيهه ۽ آئل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گيهه جي في ڪلو ۾ 48 رپيا ۽ ڪوڪنگ آئل جي في ليٽر ۾ 29 رپيا واڌ ٿي آهي. اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ هڪ ليٽر جي 5 پيڪٽن واري ڊٻي ۾ 44 رپيا ۽ هڪ ليٽر جي 12 پيڪٽس واري ڊٻي ۾ 62 رپين تائين واڌ ٿي آهي، جڏهن ته گيهه 203 رپيا في ڪلو کان وڌي 251 رپيا ڪلو ۽ آئل 244 رپين کان وڌي 273 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو