ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي سامھون انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي مک گيٽ سامهون انڊس هاءِ وي تي ڊگري ڪڍرائڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي پهتل نوجوان جي موٽرسائيڪل کي تيز رفتار ڊمپر ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جو رهواسي 22 ورهين جو سالم ولد جميل احمد چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان سالم چانڊيو تازو مهراڻ يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ٿيو ۽ ڊگري ڪڍرائڻ لاءِ يونيورسٽي پهتو ته حادثي جو شڪار ٿيو. ڄامشورو پوليس ڊرائيور فيض محمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڊمپر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
203