175

پاڪپتن ۾ 2 ڀينرون اغوا، اجتماعي لڄالٽ کانپوءِ آزاد

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) پاڪپتن ۾ ٻن ڀينرن کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ ساڻن اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي آهي. رپورٽن مطابق پنجاب جي ضلعي پاڪپتن جي عارف والا واري علائقي ۾ ساهيوال روڊ تي ٻن ڀينرن کي اڻڄاتل جوابدارن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ۽ ساڻن اجتماعي لڄالٽ ڪرڻ کانپوءِ آزاد ڪندي فرار ٿي ويا. پوليس مطابق سبزه زار لاهور جون رهواسڻ 4 ناريون ڪار تي عارف والا اچي رهيون هيون ته ساهيوال روڊ وٽ ڪار ۾ سوار هٿياربندن کين اغوا ڪيو، جوابدارن هٿيارن جي زور تي کين چڪ 153 اي بي ۾ هڪ خالي هنڌ تي آندو، جتي جيا اصغر ۽ ندا اصغر کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدار ندا ۽ جيا سان گڏ سفر ڪندڙ ٻن نارين مهڪ ۽ سميرا کي جاءِ کان ٻاهر رکيو، جوابدار ٻنهي ڀينرن کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ نارين کي اتي ڇڏي فرار ٿي ويا. ٿاڻي صدر جي پوليس شهري آصف جي اطلاع تي اهڙي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو