ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ضلع جي اسڪولن ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجڻ شروع ٿي وئي، ڪورونا وگهي گورنمنٽ گرلس اقراءُ ڪئمپس اسڪول سٽلائٽ ٽائون جي هڪ ٽيچر ياسمين انوار فوت ٿي وئي، ساڳي اسڪول جي ٽيچر رخسانا ظهور ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر تي آهي، جڏهن ته ساڳي اسڪول جي ٻن کان ٽن ٽيچرن ۾ ڪورونا جون نشانيون واضع ٿيڻ سبب کنگ ۽ بخار ۾ وٺجي بستري ڀيڙو ٿي ويون آهن، جڏهن ته انهي کان اڳ ضلع جي مختلف اسڪولن ۾ ڪيل ٽيسٽن دوران وڏي انگ ۾ ميل في ميل استادن، اسٽاف، شاگردياڻين ۽ شاگردن ۾ ڪورونا ظاهر ٿي چڪي آهي جن مان ڪيترن ئي اسڪولن کي هڪ هفتي کان ٻن هفتن تائين بند ڪيو ويو هو پر تازي لهر دوران ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جي باوجود اسڪولن ۾ ڪي به حفاظتي اپاءُ نه ورتا ويا آهن ۽ نه وري انهي اسڪول ۾ ڪورونا کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ نه اسڪول کي بند ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ڪي حفاظتي ورتا ويا آهن ۽ طبيعت خراب هجڻ جي باوجود پگھارون بند ٿيڻ جي ڊپ کان اسڪول ۾ شاگردن جي اڻ هوند جي باوجود في ميل ٽيچر توڙي اسٽاف اسڪول اچڻ تي مجبور بڻيل آهن، هڪ ئي اسڪول جي هڪ ماسترياڻي فوت ٿيڻ، هڪ جي وينٽي ليٽر تي هجڻ ۽ ساڳي اسڪول جي ٻن کان ٽن ٽيچرن ۾ بيمار ٿيڻ وارين اطلاعن بعد اسڪول جي استادن ۽ عملي ۾ سخت خوف حراس ڦهليل آهي، ان حوالي سان پ ٽ الف ڊويزنل صدر اعظم هزاروي اسڪولن ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي ۽ ڪامورن جي نااهلي ۽ عدم دلچسپي جي ڪري ميرپورخاص ضلع ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي جنهن جو اصل ڪارڻ بائيو ميٽرڪ جي ڊوائيس آهي، جنهن تي روزانو سوين استاد حاضري چيڪ ڪرائڻ لاءِ اڱوٺي ۽ آڱرين جا نشان لڳائين ٿا، بائيو ميٽرڪ ڪندڙ ڊوائيس کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪوبه اپاءُ نه ٿا وٺن انهن وٽ نه ڊوائيس کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪا شيءُ آهي ۽ نه وري استادن کي هٿن تي لڳائڻ لاءِ سينيٽائزر آهن، اسڪولن ۾ ٻار نه ٿا اچن پر استادن جو اچڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جيڪو سمجهھ کان بالاتر آهي استادن ۽ عملي جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، تڪڙا اپاءُ نه ورتا ويا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت ميمڻ چيو ته گورنمنٽ گرلس اقراءُ سيڪينڊري ڪئمپس اسڪول سٽلائٽ ٽائون جي حوالي سان ڊي ايڇ او کان ورتل ڄاڻ موجب ان اسڪول جي فوت ٿي ويل ٽيچر ياسمين انوار، ساڳي اسڪول جي ٽيچر رخسانا ظهور جي ڪرايل ڪورونا ٽيسٽون نيگيٽو آيون هيون انهن کي ڪورونا نه هئي، ان حوالي سان وڌيڪ معلومات پڻ ورتي ويندي، هن چيو ته ميرپورخاص ضلع ۾ ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪورونا جي ڦهلجڻ جي شرح گھٽ آهي، ميرپورخاص ۾ هن وقت ڪورونا 2.35 کان 2.58 هلي رهي آهي جيڪا اسان لاءِ حوصلا افزا آهي ته ڪورونا جو ڦهلاءُ گھٽ آهي اسڪولن ۾ ٽيسٽون جاري آهن ۽ ايس اوپي تي عمل ڪرايو پيو وڃي ڊوائيس ذريعي ڪورونا ڦهلجڻ جي حوالي سان ڪيل سوال تي هن چيو ته ان حوالي سان احتياط ڪرڻ گھرجي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ اپاءُ ورتا ويندا.
213