129

بابر جي ناڪامي جو سبب ٽاپ آرڊر جي سٺي بيٽنگ آهي: شعيب اختر

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر زمبابوي خلاف بابر اعظم جي ناڪامي جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته بابر اعظم جي ناڪامي جو سبب ٽاپ آرڊر جي سٺي بيٽنگ آهي. هن چيو ته ڊريسنگ روم ۾ ويهي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ رانديگر لاءِ بدترين لمحو هوندو آهي، مون کي لڳي ٿو ته بابر اعظم پاڪستاني ٽاپ آرڊر جو وڪيٽ تي بيهڻ سبب پيڊ پائي واري جو انتظار ڪندو رهيو، جيڪو سندس لاءِ ڏکيو لمحو هو، اميد ته هُو جلد ٻيهر پنهنجي بهترين بيٽنگ سان شوقينن کي لطف اندوز ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو