149

عمران خان جي تبديلي فراڊ هو، عيد تي به عوام کي رليف نه مليو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جي تبديلي فراڊ هو، مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿيو، عيد تي به عوام کي رليف نه مليو، ڪڪڙ جي گوشت ۾ 2 سئو سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته  عوام کي مهانگائي جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، وزيراعظم پابندي باوجود عيد موڪلون ملهائڻ نٿيا گلي پهتو،  عمران خان صاحب! 150 رپيا في لٽر کير ۽ 50 سيڪڙو تائين مهانگا ميووا خريد ڪندڙ عام ماڻهو حڪومت مان بدظن ٿي چڪو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عيد تي مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڪجهه ناهي ڪري سگهي، عام ڏهاڙن ۾ عوام جو ڇا حال هوندو؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو