فائرنگ 213

لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان مڙس گوليون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ گهرواڻبڻت تان مڙس گوليون هڻي زال کي قتل ڪري  فرار ٿي ويو. رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميانداد ککراڻي ۾ جوابدار وسيم ککراڻي فائرنگ ڪري 25 ورهين جي زال نورجهان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. حد جي پوليس مقتوله عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته عورت کي ڪارنهن تھمت تان قتل ڪيو ويو آھي، هوڏانهن رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ مختلف رخن کان ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو