198

جيڪب آباد ۾ موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، لاش روڊ تي رکي ڌرڻو

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ فائرنگ دوران موٽر سائيڪل سوار ٽن ڄڻن مان هڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو ٻيو لاڙڪاڻي اسپتال نيندي رستي ۾ فوت موٽر سائيڪل هلائيندڙ ٽيون همراهه معجزاڻي طور محفوظ رهيو ڳوٺ نوازو جاگير کان شهر طرف ايندڙ ٽي موٽر سائيڪل سوارن مٿان سول لائين ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش  پارڪ لڳ فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي ويٺل بختيار جکراڻي موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته شير علي سخت زخمي ٿي پيو ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙ ٽيون ڄڻو بابر جکراڻي معجزانا طور محفوظ رهيو پوليس زخمي ۽ مارجي ويل جو لاش سول اسپتال کڻائي آئي، جتي جکراڻي برادري جا سوين ماڻهو پهچي ويا جتي زخمي کي ايمبولينس ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو پئي ويو پر اهو به رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، ٻئي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال آندو ويو، جتي مارجي ويلن جي وارثن چيو ته پوليس بي واجبي ڪري ماڻهو ماريا آهن جيڪڏهن اسان جي ماڻهن تي فائرنگ ڪندڙ پوليس خلاف ڪاروائي نه ٿي ته سخت احتجاج ڪنداسون. هوڏانهن بختيار جکراڻي جي وارثن لاش ايمبولينس ۾ کڻائي مددگار پوليس چوڪي ڀرسان سنڌ-بلوچستان روڊ تي رکي ٽائرنگ کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، هوڏانهن مير اعجاز جکراڻي جي ڀاءُ مير خالد نواز جکراڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي انصاف جي خاطري ڏياري روڊ کولرايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو