169

ڪنڌڪوٽ ڀرسان منشيات ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار ٿاڻي مان فرار، 2 اهلڪار لاڪ اپ

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس چرس وڪرو ڪندڙ منشيات فروش وقار شيخ کي گرفتار ڪيو،  جنهن تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت پاران رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جيڪو بي سيڪشن ٿاڻي ۾ لاڪ اپ جي دري مان ڀڄي ويو آهي، واقعي تي ايس ايس پي امجد شيخ فوري نوٽيس وٺي ڊيوٽي تي موجود اي ايس آءِ نور محمد چاچڙ، پوليس اھلڪار شيرباز باجڪاڻي کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي اي ايس آءِ ۽ اھلڪار جي مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل قيدي کي پوليس ھٿ نه ڪري سگھي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو